| عمرڪوٽ سانحو: جاچ شروع، بيان قلمبند، 4 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جو اعلان |
عمرڪوٽ/صوفي فقير (نمائندن وٽان) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڳموري ۾ سرڪاري اسڪول جي زبون حال ديوار ڪري پوڻ سبب ٽن معصوم ٻارڙين جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي جي جاچ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد احمد لاڙڪ پاران قائم ڪيل چار رڪني جاچ ڪميٽي حادثي واري هنڌ پهچي جاچ جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو، اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي اڳواڻي ۾ پهتل جاچ ڪميٽي اسڪول جي ڪريل ديوار، عمارت ۽ واقعي واري هنڌ جو تفصيلي جائزو ورتو، جڏهن ته فوت ٿيل ٻارڙين جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت پڻ ڪئي ۽ کين شفاف جاچ جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ ڪميٽي جي سربراهه جاويد احمد ڏاهري چيو ته ڪميٽي واقعي جي هر پهلو کان جاچ ڪري رهي آهي ۽ فني ماهرن جي مدد سان ديوار ڪري پوڻ جا اصل سبب معلوم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته جاچ رپورٽ چار ڏينهن اندر تيار ڪري ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ڪئي ويندي.
ڀت ٻوڏ سبب ڊيميج ٿي، رپورٽ ۾ سڀ ڪجهھ پڌرو ٿيندو: ورڪس کاتو
عمرڪوٽ: ورڪس کاتي جي انجنيئر وشال داس ٻڌايو ته ديوار ٻوڏ سبب ڊيميج ٿي سڄي ضلعي جا اسڪول متاثر ٿيا ورڪس کاتو ذميوار ناھي اسان فني طور ان جي مرمت ڪرائي ان جو رڪارڊ موجود آھي ان باوجود به جيڪڏھن ڪا ڳالھ ھوندي ته ڪميٽي جو حصو آھيان رپورٽ ۾ سڀ ڪجھ پڌرو ٿيندو
اسڪولي زبون ڀت بابت ڳوٺاڻن اڳواٽ نه ٻڌايو هو: ڊي او تعليم
عمرڪوٽ: ڊي او تعليم ميرحسن آريسر چيو ته اسڪول ديوار بابت ڳوٺاڻن توڙي اسڪول انتظاميه اڳواٽ نه ٻڌايو ان ڪري اھو واقعو پيش آيو تعليم کاتي پاران به جاچ ڪريون پيا ٺيڪيدار اسڪول انتظاميه يا ڪو ٻيو ملوث نظر آيو ته ڪارروائي ڪنداسين فلحال ڪنھن کي به ذميوار نٿا چئي سگھون ثبوت مليا ته ڪارروائي ٿيندي.
برساتي پاڻي، امڪاني سيلابي اثر ۽ تعميراتي معيار به جاچ جو حصو!!
عمرڪوٽ: ابتدائي ڄاڻ موجب اسڪول جي ديوار جي آخري مرمت سال 2021ع دوران ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته علائقي ۾ برساتي پاڻي، ممڪن سيلابي اثرن، تعميراتي معيار ۽ ٻين لاڳاپيل عنصرن کي به جاچ جو حصو بڻايو ويو آهي ته جيئن حادثي جا حقيقي ڪارڻ سامهون اچي سگهن.
| لاهور ۾ ٽيوشن سينٽر استادياڻي جو مڙس ۽ ڀاءُ گرفتار |
لاهور(م ڊ) ايجوڪيشن اٿارٽي لاهور ڪاهنا ۾ هڪ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ جي واقعي تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي آهي، جنهن کي ضلعي انتظاميا ڏانهن موڪليو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حادثي جو شڪار ٽيوشن سينٽر ڪنهن به سرڪاري اداري يا تعليم کاتي وٽ رجسٽرڊ نه هو ۽ مڪمل طور تي غيرقانوني طور تي ڪم ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ عورت هن گهر ۾ پنهنجي مائٽن ۽ ويجهن ماڻهن جي ٻارن کي ذاتي طور تي ٽيوشن ڏيندي هئي ۽ حادثي وقت هن ننڍڙي ٽيوشن سينٽر ۾ 25 کان 30 ٻار موجود هئا، جنهن جي ڪري ڇت ڪرڻ سان وڏو نقصان ٿيو. سي اي او ايجوڪيشن اٿارٽي لاهور طارق محمود چيو ته رهائشي گهرن اندر خانگي طور تي قائم ڪيل اهڙا ٽيوشن سينٽر في الحال تعليم کاتي جي دائري ۾ نه ٿا اچن ۽ نه ئي موجوده قانونن تحت انهن جي رجسٽريشن لاءِ ڪو باضابطه نظام آهي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٽيوشن پڙهائيندڙ عورت ٽيچر جي مڙس، سندس ڀاءُ ۽ مڪينڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٽيوشن پڙهائيندڙ استادياڻي تمام غريب، گهٽ في تي پڙهائيندي هئي
لاهور (م ڊ) ٽيوشن سينٽر واري علائقي ۾ رهندڙ شهري طارق حسين ٻڌايو ته هي گهر چئن ڀائرن جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ گذريل ستر سالن کان هتي ڪو به مرمت جو ڪم نه ڪيو ويو هو ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو تمام غريب آهن. اهي ماڻهو مون سون کان اڳ ڇت تي ٽائل لڳائي رهيا هئا. جڏهن انهن ان تي پاڻي ڀريو ته ٽيئر وزن برداشت نه ڪري سگهيا جنهن جي ڪري ڇت ڪري پئي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيوشن ڏيندڙ استاد جو مڙس سامهون گهٽي ۾ ميوي جو گاڏو هلائيندو هو ۽ عورت پاڻ ٻن کان ٽن سالن کان ٻارن کي پڙهائي رهي هئي. پاڙي جي ماڻهن کي انهن ماڻهن کان ڪو به نقصان نه پهتو. ٽيوشن ڏيندڙ استاد پاڻ هن حادثي جو شڪار ٿي. وڌيڪ ٻار هتي هن سان گڏ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا ڇاڪاڻ ته سندس فيس ٻين ٽيوشن سينٽرن کان گهٽ هئي. هوءَ في ٻار تقريباً ٻه کان ٽي سؤ رپيا وٺندي هئي.
محنت ڪري گهر هلايون ٿا، حادثي وقت ڪم نه پئي ٿيو: زخمي استادياڻي
لاهور: خانگي چينلن سان ڳالهائيندي ٽيوشن ٽيچر حميده بيبي چيو ته اسان جي ڇت مينهن ۾ ٽِمندي هئي، تنهن ڪري اسان ڇت جو ڪم ڪراي رهيا هئاسون. اهو ڪوڙ آهي ته جڏهن ٻار جي پڙهڻ وقت مٿي ڪم هلي رهيو هو. جڏهن به موسم خراب هوندي آهي يا بجلي نه هوندي آهي يا مون کي ڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي ٻارن کي موڪل ڏيندي آهيان. اسان غريب ماڻهو آهيون. مان محنت ڪري ڪمايان ٿي ۽ منهنجو مڙس گاڏو هلائي ٿو، جنهن سان ٽي کان چار سؤ رپيا بچائي ٿو.