عمرڪوٽ شادي کان انڪار تي ناري قتل، لاش ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو، جوابدار گرفتار
مارچ 17, 2025
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ شادي کان انڪار تي ناري قتل، لاش ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو، جوابدار گرفتار تفصيل موجب عمر ڪوٽ سٽي ٿاڻي جي حد جيوڻ نگر جي رھواسڻ 23 سالن جي آمنه ڌي عالم خاصخيلي کي سندس چاچي معشوق خاصخيلي مبينه طور قتل ڪرڻ بعد لاش کي ٽنگي خودڪشي جو رنگ ڏنو، اطلاع تي سٽي پوليس عمرڪوٽ واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو، جڏھن ته پوليس قتل جي الزام ۾ سندس چاچي معشوق خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ مٿس قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، فريادي مقتولا جي والد عالم خاصخيلي قتل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته سندس نياڻي کي چاچي معشوق پنھنجي مرضي موجب شادي لاءِ زور ڀريو انڪار ڪرڻ تي معشوق کيس گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، سٽي ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪري پوليس پاران گرفتار جوابدار معشوق خاصخيلي کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف مقتولا آمنه خاصخيلي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته پوليس عملدار روشن جنجھي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار مقتولا کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي، جنھن کي پوليس موقعي تي گرفتار ڪيو آھي ۽ قتل ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.