عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري) گرلس ھاسٽل عمرڪوٽ ۾ شاگردياڻين جون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ وارو مامري کي دٻائڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي، الزام هيٺ آيل هاسٽل مالڪ کي بچائڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم ٿي ويون
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب عمر ڪوٽ جي خانگي هاسٽل ۾ شاگردياڻين جي وڊيوز رڪارڊنگ ۽ هراس ڪرڻ واري مامري کي دٻايو پيو وڃي ۽ ڪجھه بااثر ڌريون ھلندڙ جاچ تي پوليس آفيسرن جي معرفت جاچ تي اثرانداز ٿي رھيون آھن
ذريعن موجب اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھڪ ھفتي کان وڌيڪ وقت گذرڻ باجود ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي، جڏهن ته هاسٽل مالڪ کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن پوليس تصديق ڪري ڇڏي آهي
ٻئي طرف مامري جي جاچ لاءِ مقرر ڪاميٽي ميمبرن هاسٽل جو دورو ڪري شاگردياڻين، ملازمن ۽ مالڪ سان کان بيان ورتا، ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ ۽ ٻين واقعي واري گرلس ھاسٽل پھچي الزام ھيٺ آيل ھاسٽل مالڪ شھروز قائمخاني کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ شاگردياڻين توڙي ھاسٽل ملازمن کان وڻ تفصيل معلوم ڪيا
اطلاع آهن ته پوليس اھلڪار ۽ ڪميٽي ميمبر الزام ھيٺ آيل شھروز قائمخاني کي پوليس موبائيل ۾ کڻي ايس ايس پي آفيس روانو ٿيا ته وري الزام ھڻندڙ ھاسٽل جي اڳوڻي پارٽنر امبرين قائمخاني کي الڳ سان گاڏي ۾ کڻي ايس ايس پي آفيس منتقل ڪيو ويو
ٻي طرف ذريعن موجب ته واقعي وقت رات گرلس ھاسٽل تي شھروز قائمخاني ۽ سندس 2 ٻين دوستن جي موجودگي جي اطلاعن باوجود ڄاڻايل ٻنھي ڄڻن مان ڪنھن کان پڇا ڳاڇا ھيل تائين نه ڪئي وئي آھي
هوڏانهن گرلس ھاسٽل ۾ مبيناطور شاگردياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري جنسي طور هراسان ڪرڻ واري مامري جي جاچ لاءِ ڊي سي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران جوڙيل ٻن ڌار ڌار جاچ ڪميٽين جا ٽي
ڏينھن مڪمل ٿي ويا، پر رپورٽ پڌري نه ٿي سگھي آھي
ڊي سي عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ چيو آهي ته گرلس ھاسٽل جي قيام ۾ انتظامي ڪوتاھين جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ھاسٽل مالڪ تي لڳندڙ مبينه الزام ھڻندڙ وارو مامرو ڪرمنل سائيڊ آھي ان جي پوليس جاچ ڪري پئي اميد آھي ته ان جي جلد ڪا پيش رفت ٿيندي
سندس چوڻ هو ته حڪومت جي عارضي رھائش ائڪٽ تحت به جاچ ڪريون پيا ته ھاسٽل کلڻ جي درخواست لاڳاپيل ٿاڻي تي ڏنل ھئي يا نه ھئي؟ ھاسٽلن ۾ خاص طور تي گرلس ھاسٽل ۾ قانون جون خلاف ورزيون ڇو ٿيون ڪير ذميوار آھي ان کي به ڏسون پيا
ڊي سي چيو ته منھنجي جوائنگ کان اڳ ڊي سي پاران اي سي عمرڪوٽ جي سربراھي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي ھئي ان جي رپورٽ جلد پڌري ٿيندي