| عمرڪوٽ ضلعي جي بيروزگارن سان “پنهنجن” جي ناانصافي، 1040 4 سالن کان خالي |
عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ضلعي ۾ ھڪ کان چار گريڊ جون خالي پيل ھڪ ھزار 40 پوسٽون مختلف انتظامي ۽ سياسي نااھلين سبب گذريل چئن سالن کان ڀرجي نه سگھيون، جوڙيل ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي عملدارن مان ڪي ريٽائرڊ ٿي ويا ته ڪو ميمبر وفات ڪري ويو اميدوارن جون آسون اميدون ۽ خواب اڌورا پيل عمريون وڌي ويون نوڪريون ساڳي ضلعي ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي بنياد تي ملنديون يا نوان انٽرويوز ٿيندا غيريقيني واري ڪيفيت ڇانيل تفصيلي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت پاران سڄي سنڌ جيان عمرڪوٽ ضلعي جي چئني تعلقن پٿورو سامارو ڪنري ۽ عمرڪوٽ ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۾ خالي پيل پٽيوالي چوڪيداري ھيلپر توڙي ٻين لوئر گريڊ ھڪ کان چار اسڪيل جي خالي پيل ھڪ ھزار 40 نوڪرين لاءِ اشتھار ڏئي انٽرويوز ڪرڻ لاءِ سلسلو 2021 کان شروع ڪيو ويو ھو ۽ 2022ع ۾ ضلعي سطح تي عمرڪوٽ ضلعي جي جوڙيل ريڪروٽمينٽ ڪميٽي ۾ ان وقت جو ڊي سي عمرڪوٽ طاھر ميمڻ ان وقت جو اي ڊي سي ڪبير محمد شاھ ان وقت جو ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر ارجڻ داس ميمبر طور کنيا ويا ھئا ڄاڻايل ٽئي آفيسر نوڪرين تان ريٽائرڊ ٿي چڪا آھن جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران ڊپٽي سيڪريٽري ھوم فتح علي راھمون کي پڻ ميمبر طور شامل ڪيو ويو ھو جيڪو ڪجهھ ڏينھن اڳ وفات ڪري ويو آھي چار سال گذرڻ باوجود اھي خالي پيل ھڪ ھزار چاليهھ پوسٽون ڀرجي نه سگھيون آھن ۽ نه ئي وري ان بابت ضلعي سطح تي لاڳاپيل پ پ جا چونڊيل ميمبر ايم اين اي توڙي ايم پي ايز ڪو حتمي فيصلو ڪري سگھيا آھن ته آخر ڇا ڪجي ۽ نوڪرين جا آرڊر ڪھڙن بنيادن تي جاري ڪجن ڇا ريڪروٽمينٽ ڪميٽي نئين جوڙي ٻيھر انٽرويو ورتا ويندا يا ساڳي ايڊورٽائيزمينٽ تحت ساڳين اميدوارن کي ئي آرڊر جاري ڪيا ويندا اھو معاملو اڃان تائين ٻُڏتر جو شڪار آھي، ان ڏس ۾ ڊي سي آفيس عمرڪوٽ جي ذريعن ٻڌايو ته نوان انٽرويو ۽ نئين ڊي آر سي جوڙي ويندي ان سلسلي ۾ جن اميدوارن جون عمريون وڌي ويون آھن انھن لاءِ عمر ۾ رعايت وارو نئون نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آھن.
| خالي جايون ڀرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو ڪم اڌورو رهجي ويو |
عمرڪوٽ: ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب عمرڪوٽ ضلعي ۾ ھڪ کان چار گريڊ جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ جوڙيل ڊي آر سي جو ڪم اڻپورو رھجي ويو ھو مليل ڄاڻ موجب ان ڊي آر سي يعني ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جو ڊي سي آفيس عمرڪوٽ ۾ ڪو به رڪارڊ موجود ناھي جنھن ۾ ڊي آر سي جون ميٽنگس واريون صحيحون منٽس فائيل ۽ لاڳاپيل رڪارڊ شامل آھي ھڪ اھم ذريعي ٻڌايو ته جڏھن ڊي آر سي جو گھربل پراسيس مڪمل ٿي ئي نه سگھيو ۽ چار سال گذرڻ بعد جڏھن ھاڻ ان ڊي آر سي ۾ شامل اڳوڻي ڊي سي سميت ميمبر ئي ريٽائرڊ ٿي گھر ھليا ويا آھن ته پوءِ ان ساڳي ڊي آر سي تحت ساڳيا پراڻن نالن وارا آرڊرز ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟
نوجوانن کي حق ڏيارينداسين، پريشان نه ٿين: ترجمان پ پ ميرپورخاص ڊويزن
عمرڪوٽ: رابطو ڪرڻ تي پ پ ڊويزن ميرپورخاص جي ترجمان برھان الدين ڪنڀر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسين چاھيون ٿا ته پراڻي اڳ واري ڊي آر سي ۽ اڳ واري ايڊورٽائيزمينٽ تحت ئي نوڪرين جا آرڊرز جاري ٿين ته جيئن انھن اميدوارن کي حق ملي سگھي جن جون عمريون انھن چئن سالن جي وٿي دوران وڌي ويون آھن، اهي پريشان نه ٿين، ھن ٻڌايو ته ضلعي جا چونڊيل نمائندا پڻ اھو ئي چاھين ٿا، جلد ان سلسلي ۾ واضح سرگرمي شروع ٿيندي.
ڪيتريون پوسٽون خالي آهن؟ انتظاميا نيٺ سجاڳ ٿي وئي
عمرڪوٽ: گذريل چئن سالن کان ھڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا آرڊر جاري نه ٿي سگھڻ بعد معلوم ٿيو آھي ته ضلعي انتظاميه ضلعي جي چئني تعلقن سامارو پٿورو ڪنري ۽ عمرڪوٽ مان لوئر گريڊ جي ريٽائرڊ ٿيل يا فوت ٿي ويل ملازمن جي صورت ۾ خالي ٿيل اضافي پوسٽن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن معلوم ٿي سگھي ته ضلعي ۾ ھن وقت مجموعي طور تي ھڪ کان چار گريڊ جون ڪيتريون پوسٽون خالي پيل آھن.