| عمرڪوٽ ضلعي ۾ هلندڙ سال خودڪشين ۾ رڪارڊ واڌ: 70 کان وڌيڪ واقعا |
ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) خودڪشين جي روڪٿام نه ٿي، سال 2025 دوران خودڪشين ۾ رڪارڊ واڌ، 70 کان مٿي ماڻھن آپگھات ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پوليس نالي ماتر ڪاروائين تائين محدود، خودڪشين جي وڌندڙ واقعن تي ضابطو ناهي اچي سگھيو ۽ واقعا گھٽجڻ بدران ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳا آھن، ضلعي عمرڪوٽ ۾ خودڪشين جي واقعن جي رجحان ۾ واڌ نظر آئي آھي، ڪيل سروي پوليس رپورٽ موجب سال 2025ع دوران عمرڪوٽ ضلعي ۾ 70 کان مٿي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن خودڪشي ڪري قيمتي جانيون ضايع ڪري ڇڏيون، خودڪشي ڪندڙن ۾ 42 مرد ۽ 27 عورتون ۽ هڪ نينگر شامل آهن، جن ۾ 15 کان 40 سال جي نوجوانن ۽ عورتن جو انگ شامل آهي. انھن خودڪشيون ڪندڙن ۾ رميش، ڪانجي، ڪستوري، ڀورو، ماروي، ثمنيه ۽ ٻيا شامل آھن، رپورٽ ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته خودڪشيون ڪندڙ ماڻھن ۾ ھندو برادري جي ڪولھي، ڀيل ۽ ميگھواڙ ڪميونٽي جو وڏو انگ شامل آھي، واقعن جو ڪارڻ گھرو اڻبڻت، وڌندڙ مھانگائي، عدم برداشت ۽ غربت قرار ڏنو ويو آهي ۽ پوليس پاران ھر خودڪشي جي واقعي کي 174 جي ڪارروائي قرار ڏئي واقعي کي آپگھات ڄاڻائي ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڪابه جاچ نٿي ڪري، جنھن سبب ٿيندڙ ھر آپگھات جو معاملو دٻجي وڃي ٿو، سموري سنڌ جي ضلعن ۾ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ خودڪشين جو رجحان وڌيڪ آھي، جتي روزانو جي بنياد ته خودڪشيون ٿين ٿيون، ٻنھي ضلعن ۾ ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙن جو وڏو انگ شامل آھي، انھن واقعن کي گھرو جيھڙي تائين محدود ڪيو ٿو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ نٿي ٿئي، جنھن سبب واقعا وڌي رهيا آھن.
| خودڪشين جو وڏو ڪارڻ وياج جو ڪاروبار: ڪارروائي نه ٿي |
ڪنري: وياج جو ڪاروبار به خودڪشين جي ڪارڻ بڻيل آھي، ڪنري تعلقي سميت سموري ضلعي ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي ھلي رھيو آھي، جنھن ۾ وياج خورن پاران ماڻھو غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي مجبوري جو فائدو وٺندي انھن کي پندرنھن کان ويھه سيڪڙو وياج تي رقم ڏين ٿا ۽ بعد ۾ متاثر ماڻھو کان قرض واپس ٿيڻ جي باوجود انھن کي وڌيڪ وياج جي لاءِ تنگ ڪن ٿا، جنھن سبب ڪيترن ئي متاثرن پاران بااثر وياج مافيائن جي تنگ ڪرڻ سبب خودڪشيون ڪرڻ ۽ خودڪشين جي ڪوشش پڻ ڪئي آھي.
بک، بدحالي ۽ غربت سبب ماڻھو خودڪشيون ڪن ٿا: سڄاڻ ڌريون
ڪنري: سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن محمد رمضان خاصخيلي، فقير محب منڱريو، محمد اشرف آرائين، رمضان جوڻيجو، امتياز چانڊيو، راجا اسد علي علوي ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سماج ۾ عدم برداشت، بک، بدحالي، مھانگائي، ۽ غربت سبب ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن، انھن واقعن جا ذميوار غير فحال سماجي ادارا ۽ حڪومت آهي، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ سوين اين جي اوز ڪم ڪن ٿيون پر هنن جي ڪارڪردگي هي آهي جو ماڻهن خودڪشيون ڪري رهيا آهن، باشعور طبقو صرف فيس بڪ تائين محدود آهي، عملي ڪم ٽڪي جو ڪونھي باقي انساني حقن جي ڊاڙ هڻندڙ دڪاندار هاڻ وڃي ٻيو ڪاروبار ڪن، اين جي اوز جي تنظيمن کان به ڪير پڇي ته اوهان هنن مسڪينن مان جهالت جي اونداھي کي ختم ڪرڻ ۽ غربت جي پاڙ پٽڻ سميت ڪيتري قدر سجاڳي پيدا ڪئي آهي، ھنن چيو ته خودڪشين جي وڌڻ جو ڪارڻ سماجي دڪانداري آهي، جيڪا صرف پنهنجي مفاد خاطر هلائي وڃي ٿي، حڪومت کي گهرجي ته پني پيٽ پاليو جي مشن وارين اين جي اوز جي رجسٽري فورن رد ڪري ۽ هروڀرو جو رينگٽ ختم ڪيو وڃي ۽ خودڪشين جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
سماجي تنظيمون خودڪشين جي روڪٿام لاءِ آگاهيمهم نه هلائي سگهيون
ڪنري: حڪومت ضلعي انتظاميا ۽ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز توڙي خودڪشين بابت آگاهي ڏيندڙ تنظيمون به نه آگاهي ڏئي سگهيون ۽ نه ئي وري هن مهل تائين ڪو سيمينار ڪرائي سگهيون آهن، اين جي اوز کي خودڪشين جي روڪٿام لاءِ ساليانو فنڊ ملي ٿو پر انھن اين جي اوز پاران ڪابه جاڳرتا مھم ناهي هلائي وئي، جڏھن ته انتظاميا به صرف آفيسن تائين محدود آھي ۽ ڪوبه عملي ڪم نٿي ڪري جنھن سبب خودڪشين جي روڪٿام سواليا نشان بڻيل آھي، ڳوٺاڻن ۾ جاڳرتا نه ھئڻ ڪري اهي معمولي ڳالھين تي اھڙو قدم کڻن ٿا، پر ھنن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اين جي اوز ۽ سول سوسائيٽون جڙيل آھن، پر سندن جو ڪم ڪٿي به نظر نٿو اچي، جنھن سبب اھڙن واقعن ۾ اضافو ٿئي پيو.