| عمرڪوٽ ضلعي ۾ چڪي مالڪن کي سرڪاري ڪوٽا نه ملي، اٽو مهانگو، مڻ 5000 ۾ وڪرو |
ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن جيان عمرڪوٽ ضلعي ۾ به ڪڻڪ جو اٽو 5 هزار روپيا في مڻ وڪامجڻ لڳو آھي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 44 سئو روپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ سبب اٽو 120 روپيا ڪلو ۽ 48 سئو کان 5 هزار في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي جنھن سبب غريب ۽ ڏھاڙيدار طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، مھانگائي جي چڪي ۾ پسجندڙ عوام تي اٽي جي اگھن ۾ ٿيل ڳاٽي ٽوڙ واڌ عوام جون دانهون ڪڍائي ڇڏيون آھن، پورهيتن ۽ شھرين گلزار گِل، ڀارمل ڪولھي، ذوالفقار رند، ڀيرو مل ميگھواڙ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگهھ مقرر ڪري گم ٿي وئي، اٽو 5 هزار مڻ خريد ڪريون پيا ملندڙ اجرت گھٽ ۽ مھانگائي وڌيڪ آھي جنھن سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار آھيون، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سنڌ سرڪار پاليسي جوڙي چڪي مالڪن کي جلد کان جلد ڪوٽا فراھم ڪرڻ سان گڏ، اٽي جا مناسب اگهھ مقرر ڪري ته جيئن مھانگائي سٽيل عوام کي ريليف ملي سگھي.
ڪڻڪ مھانگي ملي ٿي، اٽو سستو نٿا ڪري سگهون: چڪي ايسوسيئيشن صدر
ڪنري: چڪي ايسوسيئيشن جي صدر منير آرئين جو چوڻ آھي ته کين سرڪار جي اعلان موجب سرڪاري ڪوٽا نٿي ملي، گذريل مھيني في اسٽون تي 25 ٻور ڪوٽا ڏني وئي جيڪا صرف ٻن ڏينھن ۾ ختم ٿي وئي ۽ ھاڻ في پٿر تي 14 ٻوريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي 14 ٻوريون ڪيڏانھن ڪيون، پھرين هر 15 ڏينھن تي ڪوٽا ملندي هئي ۽ ھاڻ مھيني تي به نٿي ملي اٽي جي کپت وڌيڪ ۽ ڪوٽا گھٽ ملي رهي آھي جڏھن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ مھانگي ملي ٿي جنھن سبب اٽو سستو نٿا ڪري سگهون سرڪار ڀرپور ڪوٽا فراھم ڪري ته عوام کي ريليف ڏئي سگهون ٿا.
پاليسي موجب ڪوٽا ڏيون پيا، اگهن تي ڪنٽرول انتظاميا جو ڪم آهي: فوڊ انسپيڪٽر
ڪنري: خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر شھزاد آرائين ٻڌايو ته گذريل مھيني هر چڪي کي 25 ٻورين جي حساب سان سرڪاري ڪوٽا ڏئي چڪا آھيون هن دفعي حڪومت پاران چڪي جي في پٿر تي 14 ٻوريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنھن جا چالان ڏئي ڇڏيا آھن ۽ پاليسي مطابق ئي ڪوٽا فراهم ڪيون پيا، باقي اٽي جا اگهھ مقرر ڪرڻ ۽ عملدرآمد ڪرائڻ انتظاميا جو ڪم آھي.