| عمرڪوٽ ضلعي ۾ 28 پيٽرول پمپ غيرقانوني، لسٽ جاري، ڪارروائي جو حڪم |
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ضلعي جي چئن تعلقن ۾ هلندڙ 28 پيٽرول پمپ غير قانوني قرار ڏئي ڊپٽي ڪمشنر پاران لسٽ پڌري ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب غيرقانوني قرار ڏنل پيٽرول پمپن ۾ تعلقي ڪنري جا 6 عمرڪوٽ تعلقي جا 13 سامارو تعلقي جا 05 پنج پيٽرول پمپ شامل آهن غير قانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپن ۾ جوڻيجا پيٽرول پمپ اسد الله ايجنسي قاضي حاجي سلطان مصري شاهه پيٽرول پمپ سميت ٻيا شامل آھن ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ غيرقانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپن جي لسٽ پڌري ڪري اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پوليس سان گڏجي ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏھن ته غيرقانوني قرار ڏنل پيٽرول پمپ گهڻي وقت کان مبينه سياسي آشرواد سان هلي رهيا ھئا جن خلاف ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد اھڙن پئٽرول پمپ مالڪان ۽ لڪ ڇپ ۾ پوائنٽون لڳائي پئٽرول وڪرو ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي