عمرڪوٽ لڳ بيروزگار پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي
مارچ 19, 2025
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ويجھو اڌڙوٽ شخص جو گهر مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو، ڳوٺ ولھار ۾ 47 ورهين جي لالچند پٽ ڏيوو اوڏ جو گهر جي ڪچي لانڍي لاٽڻ مان مبينا طور ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته لالچند اوڏ غربت ۽ گھريلو پريشانين سبب اھڙو قدم کنيو آھي، فوتي شخص جي هٿن ۽ پيرن تي زخمن جا نشان پڻ ھئا، پوليس موجب ته وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، ان بعد ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.