عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) مندرن جي سيڪيورٽي لاءِ عمرڪوٽ مان بدلي ٿيل 61 ھندو اھلڪار ڌاڙيلن جي آپريشن لاءِ مقرر ڪيا ويا
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب عمرڪوٽ مان مندرن جي سيڪيورٽي لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ڏانھن 71 ھندو اھلڪار بدلي ڪيا ويا ھئا
ايس ايس پي سکر 61 ھندو اھلڪارن کي مندرن تي مقرر ڪرڻ بدران ڌاڙيلن خلاف ھلندڙ آپريشن ڏانھن موڪلي ڇڏيو کين ڪچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي
پوليس اھلڪارن کي پنوعاقل تعلقي جي ڪچي وارن ٿاڻن تي رکيو ويو جٿي کين ڪنهن به قسم جي سهولت نه پئي ڏني وڃي
ٻئي طرف ھڪ سپاھي عمرڪوٽ ۾ مائٽن ڏانھن فون ڪندي ٻڌايو آهي ته کين ڪا به سھولت مليل ڪونھي نه لائيٽ آھي نه پاڻي ملي رهيو آهي
سندس چوڻ هو ته اسين آياسين مندرن تي مقرر ٿيڻ لاء ھئاسين ۽ ھاڻ ڪچي ڏانھن اڇلايو ويو آھي
هوڏانهن ايس ايس پي عمرڪوٽ ميڊيا آڏو دعوا ڪئي ھئي ته رڳو ھندو سپاھي ان ڪري بدلي ڪيا ته اھي مندرن تي مقرر ھوندا پر ٿي ان جي ابتڙ ويو