عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چيئرمين جو عهدو ماڻڻ لاءِ لابنگ: پ پ قيادت جا مٿي تي هٿ

مَي 25, 2023

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)ضلعي جي اڪيلي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ  جي وائيس چئرميني لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ پ پ قيادت لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي

چئرمين طور پيپلزپارٽي پاران سيف الله خالد سراج سومرو کي نامزد ڪيو ويو آھي پر ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چئرميني حاصل ڪرڻ لاء اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ چار اڳواڻ سرگرم آھن چٽاڀيٽي ۽ لابنگ سفارش واري صورتحال سبب پيپلز پارٽي اڃان تائين وائيس چئرمين طور ڪنھن به نالي تي اتفاق ۽ نامزدگي نه ڪئي آھي

 ذريعن موجب وائيس چئرمين طور پ پ سٽي جي صدر ڊاڪٽر گھنشام بجير جو نالو ورتو پيو وڃي جنھن جي مقامي پ پ اڳواڻ برھان برھان الدين ڪنڀر حمايت ڪري رھيو آھي

 ٻئي طرف مانجھاڪر ھائوس جي سينئر پ پ اڳواڻ ايم اين اي ۽ سي اي سي ميمبر نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ سندس فرزند صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر جي ويجھو سمجھيو ويندڙ سيٺ ڪمار ٽلواڻي پڻ وائيس چئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ واري ڊوڙ ۾ شامل ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ذريعن موجب ساڳئي وقت کاروڙو جي سيدن جي پڻ حمايت حاصل ڪري سگھي ٿو

 پ پ وٽ چونڊيل ڪائونسلر دليپ ڪمار مولچنداڻي ۽ چيتن گوئيل پڻ وائيس چئرميني حاصل ڪرڻ لاء درخواستون جمع ڪرائي چڪا آھن پر لابنگ ۽ جوڙ توڙ واري ان ڇڪتاڻ سبب اڃان تائين ڪو به حتمي فيصلو ٿي نه سگھيو آھي

 رابطو ڪرڻ تي وائيس چئرمين جي اميدوار ڊاڪٽر گھنشام بجير ٻڌايو ته بلڪل اميدوار آھيان پيپلزپارٽي عمرڪوٽ تنظيم سندس نالو به تجويز ڪيو آھي پر فيصلو چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو ۽ جيڪو به فيصلو پارٽي چئرمين ڪندو اھو آخري ھوندو ۽ قبول ھوندو

Leave A Comment