عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي تذليل جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس داخل، نوجوان سان زيادتي جي ڪوشش ۽ منهن تي پيشاب ڪرڻ جو به الزام
عمرڪوٽ جي رونجھا پاڙي ۾ نوجوان دليپ ميگھواڙ جي تذليل ۽ تشدد ڪري ڏاڙھي مٿو مڇون ۽ ڀرون ڪوڙڻ ۽ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو
دليپ جي ڀاءُ مڪيش ميگھواڙ جي فرياد تي رونجھا برادري جي 06 ماڻھن سميت پنج نامعلوم جوابدارن تي عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو
مڪيش ميگهواڙ ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته مطلب رونجھو غلام مصطفي رونجھو ياسين رونجھو ۽ لونگ رونجھو ڪچو شراب ٺرو وڪڻڻ کان منع ڪرڻ تي تشدد ڪيو، منھنجي ڀاءُ دليپ کي مٿين جوابدارن لال بخش ۽ آچار سان گڏجي رات جو مبينه طور گھٽي مان گذرڻ مھل اغوا ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو
جوابدارن ڪپڙن کان آجو ڪري دليپ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، آچار ولد عمر دل منھن تي پيشاب ڪيو، لونگ رونجھو تئي سان منھن تي ڪاراڻ ملھي، ياسين رونجھو منھنجي مٿي جا وار ڀرون مڇون ڪوڙي تذليل ڪئي، جوابدارن پنج نامعلوم جوابدارن سان گڏجي تشدد ڪري وڊيو رڪارڊ ڪيا
متاثر نوجوان جي امڙ پاتو ميگهواڙ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته منھنجي پٽ سان رونجھا ذات جي ماڻهن انسانيت سوز ظلم ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي