عمرڪوٽ ويجهو زرعي فارم تي ڇاپو، باندي بڻايل 17 هاري بازياب

جُولاءِ 8, 2023

عمرڪوٽ (ن پ ا) پوليس زرعي فارم تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل 17 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ هاري چيتن ڀيل جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي هارين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ان سلسلي ۾ نبي سر روڊ ٿاڻي جي پوليس گذريل ڏينهن ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچيءَ ويجهو زميندار علي رضا پنجابي جي زرعي فارم تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 17 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو. درخواستگذار چيتن ڀيل ٻڌايو ته زميندار علي رضا پنجابي جي زمين تي هارپو ڪري رهيا آهيون.

زميندار ۽ سندس ڪمدار ڏينهن رات ڪم وٺندا هئا. ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ جي اجازت ڪانه هئي. زميندار وڏي عرصي کان حساب ڪتاب به نه ڪندو هو، جنهن سبب مجبور ٿي عدالت پهتا آهيون. بعد ۾ عدالت هارين کي پنهنجي مرضي مطابق زندگيءَ گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment