عمرڪوٽ ويجهو پرائمري اسڪول جي ڀت ڪري پئي، لنگهندڙ 3 ٻارڙيون دٻجي فوت، ڳوٺ ۾ سوڳ

عمرڪوٽ ويجهو پرائمري اسڪول جي ڀت ڪري پئي، لنگهندڙ 3 ٻارڙيون دٻجي فوت، ڳوٺ ۾ سوڳ

عمرڪوٽ/صوفي فقير (رپورٽ: الياس ٿري/لطيف پلي) عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ ڳموري جي ڪوري پاڙي ۾ موجود پرائمري اسڪول جي زبون حال ديوار اوچتو ڪرڻ سبب مدرسي مان گهر واپس ويندڙ معصوم ٻارڙيون 13 ورهين جي صغرا ڌيءَ ابوبڪر ڪوري 5 ورهين جي رابيعه ڌيءَ عمر فاروق ۽ 3 ورهين جي ڪنيزا ڌي ابوھريره دٻجي فوت ٿي ويون، واقعي بعد علائقي واسين ۽ وارثن فوري طور تي ٻارڙين کي پنھنجي مدد پاڻ تحت ديوار جو ملبو ھٽائي ٻاھر ڪڍيو، کين سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٽنهي نياڻين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، بعد ۾ ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻارڙا توڙي گھرڀاتي اوڇنگارون ڏئي روئندا رھيا جڏهن ته سوڳوار ماحول سبب سڄو ڳوٺ غم ۾ ٻڏي ويو ، ٽنھي معصوم نياڻين جا جنازا کڄڻ مھل دردناڪ منظر ھيو ھر طرف اوڇنگارون رڙيون ھيون معصوم نياڻين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آخري رسمن ۾ سياسي سماجي شخصيتن ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي
 

وزيراعليٰ پاران زبون اسڪولن جي لسٽ طلب: جاچ ڪميٽي قائم  
 

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)  عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڳموري ۾ اسڪول جي ڀت ڊهڻ سبب ٽن نينگرين جي فوت ٿيڻ وارو اسڪول ٻوڏ دوران متاثر ٿيل اسڪولن واري لسٽ ۾ شامل ھجڻ ۽ اسڪول جي مرمت لاءِ ھڪ لک 86 ھزار رپيا جاري ٿيڻ جو انڪشاف  ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳموري جي گورنمنيٽ پرائمري بوائز اسڪول لعل محمد آريسر جي ديوار ڪرڻ سبب ٽي ٻارڙيون فوت تي ويون آھن ـاسڪول بابت مليل ڄاڻ موجب اسڪول جي عمارت ڪمزور ھجڻ ۽ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ مان ھڪ لک 86 ھزار روپيا رقم جاري ٿيڻ باوجود مرمتي ڪم نه ٿي سگھيو۔ اسڪول جي مرمت لاءِآيل 2 لک 88 هزار واري رقم به ليپس ٿي وئي۔ ذريعن موجب اسڪول جي آخري ڀيرو مرمت 2021ع ۾ ٿي ھئي۔  ھوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير  سردار شاھ جي ھدايتن تي اي ڊي سي ون عمرڪوٽ جي سربراھي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي، جنهن ۾ اي سي عمرڪوٽ ـ ڊي اي او ايليمينٽري عمرڪوٽ ۽ ايجوڪيشن ورڪس  جو انجينئر شامل آھن،  ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي تعليم کاتي کان رپورٽ  طلب ڪري ورتي آھي وڏي وزير سنڌ جي زبون حال اسڪولن جا تفصيل پڻ گھري ورتاآهن
 

اسڪولي ڀت 2024ع ۾ ٺهي، ايترو جلدي ڪيئن ڪري؟ جاچ شروع

عمرڪوٽ: ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي سي عمرڪوٽ کي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ پنھنجي ٽيم سان گڏ فوري طور تي متاثرين جي ڳوٺ پھچي واقعي جا تفصيل ورتا ميڊيا سان ڳالھائيندي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي چيو ته مليل معلومات موجب اسڪول جي ديوار 2024 ۾ ٺھي آھي پوء ايترو جلدي ڪيئن ڪري پئي ٺيڪيدار ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
 

ڊي سي عمرڪوٽ پاران واقعي جو نوٽيس،4 رڪني جاچ ڪميٽي قائم، ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب
 

عمرڪوٽ: ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ لاء چار رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ٻن ڏينھن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي جاچ ڪميٽي ۾ اي ڊي ون جاويد احمد ڏاھري اي سي عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ڊي او سيڪينڊري ميرحسن آريسر ۽ ايجوڪيشن ورڪس جو ايڪسيئن وشال داس کي ميمبر طور مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
 

ناقص مٽيريل استعمال ۽ لاپرواهي جي حد سبب معصوم نياڻيون حياتي وڃائي ويٺيون
 

عمرڪوٽ: مليل انگن اکرن موجب ۽ سوشل ميڊيا تان گڏ ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل اسڪول تي مالي سال 2019-20 دوران ايم اينڊ آر مرمت ۽ بحالي پروگرام تحت تقريبن 14 لک رپيا خرچ ڪيا ويا جن ۾ ٻن ڪلاس رومن جون ڇتيون تبديل ڪرڻ چارديواري جي مرمت ۽ ٻيو ڪم شامل هيو بعد ۾ وري 2022ع جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب هي اسڪول ٻيهرمتاثر ٿيو جنهن سبب وري ان جي بحالي جو تخمينو 26 لک رپيا يعني 2.6 ملين ڄاڻايو ويو لکين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود مبينه طور تي ناقص مٽيريل جي استعمال ۽ لاپرواھي سان ٿيل تعميراتي  ڪم جي نتيجي ۾ ديوار ڊھي پٽ پئجي وئي جنھن سبب ٽي معصوم نياڻيون حياتي وڃائي ويٺيون
 

نياڻين جي المناڪ شهادت مجرماڻي غفلت آهي: لال مالهي
 

عمرڪوٽ: پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ٽن معصوم نينگرين جي اسڪول جي زبون حال ديوار ڪرڻ سبب المناڪ شهادت پاڪستان پيپلز پارٽي جي بدترين حڪمراني بدعنواني مجرماڻي غفلت نااهلي اقربا پروري ناقص رٿابندي ۽ عوام دشمن پاليسين جو هولناڪ ۽ شرمناڪ ثبوت آهي هي ڪو اتفاقي حادثو نه، پر سنڌ ۾ گذريل ارڙهن سالن کان جاري بدانتظامي تعليم جي شعبي جي مسلسل تباهي ادارتي ناڪامي ۽ عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيل اربين رپين جي مبينا غلط استعمال جو سڌو نتيجو آهي انهن معصوم نينگرين جو رت انهن سڀني حڪمرانن ۽ ذميوار سرڪاري عملدارن جي ڳچيءَ تي آهي ھن مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي