| عمرڪوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل لائن مڪمل، ميرپور خاص لاهور کي هارائي ڇڏيو |
عمرڪوٽ (رپورٽر) ميرپورخاص ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم عمرڪوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پھچي وئي، لاھور جي ٽيم کي شڪست ملي وئي. 25 ھون آل پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ماروي گرائونڊ ۾ ميرپورخاص ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ميڪا ڪرڪيٽ ڪلب لاھور جي وچ ۾ ڪوارٽر فائنل کيڏيو ويو. ميرپورخاص جي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي 25 اوورن ۾ 211 رنسون ٺاهيون شھزاد پٺاڻ 49، زاھد 36 ۽ شير خان 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ميڪا جي ذيشان ٽوني ۽ فرانڪ 3-3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ لاهور جي ٽيم 24 اوورن 203 رنزون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. عاشر ڀٽي 35 ۽ ذيشان ٽوني 33 رنسون ٺاھيون ميرپورخاص جي زاھد 4 ۽ سليم هڪ وڪيٽ ورتي. مين آف دي مئچ زاھد کي قرار ڏنو ويو.