عمرڪوٽ ڪلب ماتلي ڪلب کي هارائي وڌو، افضل جي ڊبل سينچري

عمرڪوٽ ڪلب ماتلي ڪلب کي هارائي وڌو، افضل جي ڊبل سينچري

عمرڪوٽ(رپورٽر) 25 ھون آل پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻي رائونڊ ميچ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ ۽ بخشو ڪرڪيٽ ڪلب ماتلي جي وچ ۾ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ تي ٿي، بخشو ڪرڪيٽ ڪلب ماتلي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ذڪريا ڪلب 25 اوورن 365 رنسون ٺاهيون، افضل 78 بال کيڏي 206 ۽ دانيال 38 بال کيڏي 78 رنسون ٺاهي نمايان رھيا. بخشو ماتلي جي بالر بابر پٺاڻ 2 ۽ سراج نظاماڻي فراد نظاماڻي 1-1 وڪيٽون ورتيون. بخشو ڪلب 113 رنسن تي ڍير ٿي وئيحارث رستماڻي 42 ۽ بابر پٺاڻ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ذڪريا جي عاطف مقبول 6 وڪيٽون ورتيون. مين آف دي مئچ افضل رهيو.