عمرڪوٽ (رپورٽ:الياس ٿري) عمر ڪوٽ جي گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻين جي وڊيوز ۽ هراسمينٽ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ پڌري ٿي وئي، رپورٽ ۾ هاسٽل مالڪ شهزور قائم خاني ۽ امبرين قائم خاني کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي
تفصيلي رپورٽ موجب عمرڪوٽ جي افغان محلي ۾ موجود ايجوڪيٽر گرلس ھاسٽل مامري بابت ڊي سي ۽ ايس ايس پي پاران جوڙيل ٻن ڌار ڌار ڪميٽين پاران ڇھين ڏينھن تي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي
سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي ڊي سي عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ جاچ ڪاميٽين جي لاڳاپيل ميمبرن جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرلس ھاسٽل معاملي کي وائرل ڪرڻ جي نتيجي ۾ نياڻين ۽ سندن تعليم تي خراب اثر پئجي رھيا ھئا
ايس ايس پي عمرڪوٽ جو چوڻ ھو ته واقعي بابت پوليس پاران سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، واقعي جا ھاسٽل مالڪ شھروز قائمخاني ۽ سندس اڳوڻي ڪاروباري حصيدار عورت امبرين قائمخاني ذميوار ھئا، جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي
ھڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته ھن مھل تائين جاچ ۾ شھروز قائمخاني ۽ امبرين قائمخاني ذميوار نڪتا آھن، مٿن ڪيس به داخل ٿي ويو آھي، اڳتي ڪيس جي جاچ دوران جيڪڏھن ڪي ٻيا نالا سامھون آيا ته اھي به شامل ڪيا ويندا
ان موقعي تي ڊي سي عمرڪوٽ پريس ڪانفرنس دوران ڳالھائيندي چيو ته الزام ھيٺ آيل ايجوڪيٽر گرلس ھاسٽل ۾ مردن جي اچ وڃ جون شاھديون مليون آھن، ايئن نه ٿيڻ کپندو ھو
ڊي سي ۽ ايس ايس پي رپورٽ پڌري ڪندي چيو ته ٻن ڄڻن جي ذاتي جھيڙي ۽ تڪرار ۾ نياڻين جي تعليم تي ناڪاري اثر پئجي رھيا ھئا، عمرڪوٽ ۾ موجود سمورا گرلس ۽ بوائز ھاسٽل 15 ڏينھن اندر پوليس وٽ رجسٽريشن ڪرائيندا، ٻي صورت ۾ انتظاميا غير رجسٽرڊ ھاسٽل کي بند ڪرائيندي
سندن چوڻ هو ته ڪارروائي ڪندي شھروز قائمخاني ۽ امبرين تي مستقبل ۾ اھا پابندي لڳائي ويندي ته اھي ٻئي اسٽوڊنٽس ھاسٽل کولڻ جو ڪاروبار نه ڪندا
سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي پريس ڪانفرنس دوران ٻنھي جاچ ڪميٽين جا آفيسر اي سي عمرڪوٽ حنين طارق شاھاڻي ڊي ايس پي فضل حق چانڊيو سي آء اي انچارج سيد الطاف شاھ ۽ ٻيا موجود ھئا
رپورٽ ۾ شھروز ۽ امبرين قائمخاني وچ ۾ لاڳاپن جي نشاندهي
سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شھروز قائمخاني ۽ امبرين قائمخاني جا ھڪٻئي سان ڪافي وقت کان لاڳاپا رھيا آھن، اهي ڪاروباري ۽ ڪن اندروني ڳالھين جي ڪري پاڻ ۾ ناراض ٿيا، ھڪٻئي خلاف ھاسٽل جو نالو استعمال ڪري من گھڙت ڪھاڻيون گھڙي الزام ھنيا