عمرڪوٽ گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻين جون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جي جاچ: شهزور قائم خاني ذميوار آهي: امبرين جو الزام

جُولاءِ 5, 2023

عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ گرلز ھاسٽل ۾ مبينه طور شاگردياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ ۽ جنسي طور حراسان ڪرڻ وارو مامري جي جاچ شروع ٿي وئي، امبرين قائم خاني شهزور قائم خاني کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

تعليم واري صوبائي وزير جي اباڻي ضلعي ۾ گرلز ھاسٽل ۾ ٿيل واقعو سڄي سنڌ ۾ بحث جو موضوع بڻيل رهڻ باوجود تعليم کاتو خاموش  رهيو جڏهن ته جاچ ٽيم جا ميمبر ڊي ايس پي فضل حق چانڊيو ايس ايڇ او خليل ڪنڀار ايس ايڇ او وومين مھناز اعواڻ ۽ امبرين قائمخاني جي گھر پھتا بيان رڪارڊ ڪيو

امبرين قائمخاني جو ڪميٽي ميمبرن ۽ ميڊيا آڏو بيان ڏيندي چيو ته شھزور منھنجو موبائيل ڦُريو ۽ سڄي پرسنل ڊيٽا ھيڪ ڪئي

هن الزام هنيو ته شھزور قائمخاني منھنجي موبائيل فون ۾ پيل 2014 کان 2022 تائين جي سموري ڊيٽا ھيڪ ڪئي ۽  وڊيوز ۽ ڊيٽا ھيڪ ڪرڻ بعد مونکي مسلسل بليڪ ميل ڪندو رھيو

امبرين قائمخاني چيو ته مون تي دٻاءُ وجھي چيائين ته شاگردياڻين سان منھنجي ميٽنگ ڪرائي مونسان ملاقات ڪرايو ۽ مون وٽ ڇوڪريون وٺي اچ

سندس چوڻ هو ته آئون ڪنھن به شاگردياڻي/نياڻي جو نالو نٿي کڻڻ چاھيان پر شھزور کان پڇاڻو ٿئي رات جو ھاسٽل ۾ ڇوڪرين رڙيون ڇو ڪيون، گرلس ھاسٽل ويجھو پاڙيسرين شھزور کي مارڪٽ ڇو ڪئي سندس موبائيل ڇو ورتو

 امبرين قائمخاني ٻڌايو ته شھزور قائمخاني ھاسٽل ڪاروبار ۾ پارٽنرشپ ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جو ايگريمينٽ ڇو نٿو ڏيکاري، هو مونسان تعلقات جو الزام ٿو ھڻي جي اھڙو صاف سٿرو آھي ته پنھنجو موبائيل ڇو نٿو ڏيکاري جيڪو چوي پيو ته گم ٿي ويو آھي

هن چيو ته واقعي کان 15 ڏينھن اڳ مون ايس ايڇ او وومين ٿاڻو عمرڪوٽ مھناز اعواڻ کي فون ڪري مدد ڪرڻ لاءِ  چيو، ايس ايڇ او وومين ٿاڻو کي شھزور وٽ پيل منھنجي موبائيل ڊيٽا ڊليٽ ڪرائڻ لاءِ  درخواست ڪئي، ايس ايڇ او وومين چيو ته توھان ٿاڻي تي اچي ايف آءِ آر داخل ڪرايو

امبرين قائمخاني چيو ته مونکي ھلندڙ پوليس جاچ دوران دٻاءُ وجھي حراسان ڪيو پيو وڃي، مون شاگردياڻين کي ۽ والدين کي فون ڪري صورتحال ٻڌائي ۽ چيو ته مون ھاسٽل ڇڏي ڏني آھي منھنجي ڪا ذميداري ناھي

سندس چوڻ هو ته شھزور قائمخاني منھنجي موبائيل ڊيٽا تي مونکي بليڪميل ڪري پاڻ وٽ گھرائيندو ھو، منھنجون موبائيل ۾ وڊيوز ھيون آئون مجبور ھئس چئن ٻارن جي بيواه ماءُ ھئس ان ڪري ڪجھه نه ڪري سگھيس

هن چيو ته شھزور قائمخاني مونکي اھا ڌمڪي ڏني ته تنھنجي موبائيل جي چار ھزار ڊيٽا مون وٽ آھي توکي اھڙو ڪندس جو گلي گھٽي ۾ ھلڻ جھڙي نه ھوندين

Leave A Comment