| عمرڪوٽ ۾ اٺن جي ڊوڙ: سروپ سنگھه جو اٺ کٽي ويو |
عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) نيوڇور لڳ شھيد سورھيه بادشاھ جي نالي سان فقير شڪيل منڱريو اسماعيل نھڙي ۽ شفيع ڇڇر جي ميزباني ھيٺ اٺن جي ڊوڙ جو مقابلو منعقد ٿيو، نيوڇور جي تاريخي ٻانھياري ڀٽ لڳ موجود ڏھر ۾ اٺن جي ڊوڙ واري ان تقريب ۾ فقير غلام حيدر منڱريو، ارباب عبدالله، نورمحمد شر، ابراھيم ڇڇر، جلال سانوڻ سمون ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اٺن جي ڊوڙ جو مقابلو عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڪنڌل جي رھواسي نوجوان سروپ سنگھه ڀاٽي جي اٺ کٽي ورتو ۽ پھرين پوزيشن ماڻي، مقابلي ۾ 30 کان وڌيڪ اٺن حصو ورتو، بدين، ننگرپارڪر، اڇڙو ٿر، عمرڪوٽ، منگٽور، جھالار، مونڌار، گوئينداڻي سمان، جالو جو چونئرو، پرچي اسٽيشن سميت ٻين علائقن جي اٺن ڊوڙ ۾ حصو ورتو، ٻيون نمبر راڄڙ نوجوان جي اٺ حاصل ڪيو، فائنل کٽيندڙ اٺ جي نوجوان سروپ سنگھه ڀاٽي کي 20 ھزار روپيا روڪ ونر ٽرافي جو انعام ڏنو ويو