عمرڪوٽ ۾ رجسٽرار آفيس تي مبينا قبضي جو ڪيس داخل، 1 ڄڻو گرفتار

عمرڪوٽ ۾ رجسٽرار آفيس تي مبينا قبضي جو ڪيس داخل، 1 ڄڻو گرفتار

عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ رجسٽرار آفيس تي مبينا قبضي جو ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري 1 ڄڻو گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪنري روڊ تي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي لڳ پراونشنل بلڊنگس کاتي پاران تعمير ڪرايل رجسٽرار آفيس واري بلڊنگ تي عرصي کان خانگي ماڻھن قبضو ڪري ان ۾ مبينه طور تي رھائش اختيار ڪري ورتي ھئي. شھري جانمحمد سولنگي ڪارروائي لاء ڊي سي عمرڪوٽ ايڪسيئن بلڊنگس اي سي عمرڪوٽ  سميت اختيارين کي درخواستون اماڻيون ويون. درخواست گذار شھري جانمحمد سولنگي پاران موقف اختيار ڪيو ويو ھو ته ڪڙيو گهنور جو رهواسي شفيع محمد انڙ سجاد انڙ ۽ ٻيا رجسٽرار آفيس تي قبضو ڪري مبينه طور سرڪاري بلڊنگ کي منشيات چورين ۽ سماجي براين لاء استعمال ڪري رھيا آھن سرڪاري بلڊنگ کي مختلف شهرين کي ڏيکاري 30 کان 40 لک روپيا ناڻو به لڳايو ويو آهي. جاچ بعد شفيع محمد انڙ سجاد انڙ سميت ٽن جوابدارن خلاف سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي جان محمد سولنگي جي فرياد تي مبينه طور سرڪاري بلڊنگ تي قبضو ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي الزامن ھيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي سٽي پوليس عمرڪوٽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد ھڪ جوابدار شفيع محمد انڙ کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته ٻين جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن رابطو ڪرڻ تي سٽي ٿاڻي تي موجود ڊيوٽي آفيسر ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪري ھڪ جوابدار گرفتار ڪيو آھي ۽ وڌيڪ جاچ ڪريون پيا