عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) ضلعي چئرمين عمرڪوٽ جي ڳوٺ جي ايڊريس تي ڪوئٽا واسي 15 پٺاڻن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھي ويا عمرڪوٽ ضلعي ۾ ووٽ به داخل ٿي ويا
ڳوٺ وليداد پلي جي ووٽر لسٽن ۾ عمر ولد تازه گل فيض محمد ولد طوطي عبدالحميد ولد عبدالحميد ولد غلام دستگير تاج محمد ولد گل محمد سيد نور ولد نظام محمد پٺاڻ ۽ ٻيا شامل آهن
ضلعي چيئرمين عمرڪوٽ حاجي بقا پلي اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ نادرا عمرڪوٽ جي عملدارن سان رابطو ڪري جاچ ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي
ٻئي طرف ڳوٺ وليداد پلي واسي ڳوٺاڻي الھبچايو پلي اليڪشن ڪمشنر کي معاملي بابت لکت ۾ جاچ لاءِ درخواست به ڏئي ڇڏي آهي
ان حوالي سان اليڪشن ڪمشنر لطف علي مستوئي ٻڌايو آهي ته درخواست ملي آھي ڪوئٽا جي پٺاڻن جا ووٽ عمرڪوٽ ۾ ڪيئن ۽ ڇو داخل ٿيا جاچ ڪريون پيا
سندس چوڻ هو ته شناختي ڪارڊن ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ وليداد پلي جي ايڊريس ڪيئن لکي وئي جاچ لاءِ نادرا عمرڪوٽ کي انڪوائري لاءِ لکون پيا
هوڏانهن نادرا انچارج نور محمد ڀنڀرو چيو ته ڪوئيٽا جي پٺاڻن جا شناختي ڪارڊ ٺھڻ جي شڪايت ملي آھي پر انھن نالن جو ڪو رڪارڊ نٿو ملي، ان بابت شڪايت مٿي اماڻي ويندي ميڊيا موقف نادرا جي ميڊيا ونگ ڏئي سگھي ٿي آئون اختيار نٿو رکان