| عمرڪوٽ ۾ لاحاصل عشق جي ڪهاڻي تي ٻڌل اسٽيج ڊرامو ”عشق فقير“ پيش، فنڪارن جي زبردست پرفارمنس |
عمرڪوٽ(رپورٽر) ثقافت کاتي جي سهڪار سان عمرڪوٽ جي جناح پارڪ ۾ اسٽيج ڊرامو ”عشق فقير“ شاندار نموني پيش ڪيو ويو، جيڪو نامياري ليکڪ ۽ هدايتڪار ايوب گل جو لکيل بهترين اسڪرپٽ آهي. ميلوحا آرٽ سرڪل جي ٽيم پاران تيار ڪيل هن اسٽيچ پراڊڪشن ۾ سنڌ جي نامور فنڪارن پنهنجي جاندار اداڪاري سان محفل موهي ڇڏي. ڊرامي ۾ لائبا بلوچ افسانا جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته لالا سڌير لطيف جي اهم ڪردار کي زبردست انداز ۾ پيش ڪيو. انهن سان گڏ طارق آڪاش، فقير الاهي بخش ساوند، انو سولنگي، ڪشور جبين، بيتاب مري، غلام قادر شر ۽ ٻين اداڪارن پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيکاري، جنهن جي تماشائين گهڻي ساراهه ڪئي. “عشق فقير” جي ڪهاڻي لاحاصل عشق، هجر جي تپش ۽ روحاني سفر جي تصور تي ٻڌل آهي. ڊرامي ۾ هڪ عاشق جي ڏک، جدائي، ۽ پوءِ عشق حقيقي جي تلاش کي نهايت فنڪارانه نموني پيش ڪيو ويو، جنهن جو هر منظر تماشائيّن کي گهري اثر هيٺ رکيو. ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ جناح پارڪ ۾ وڏي انگ ۾ عوام، شاگرد، سماجي اڳواڻ ۽ ادب دوست گڏ ٿيا. ايڊيشنل ڪمشنر عمرڪوٽ رجب سٺيو، ناپا سرواڻ شاهنواز ڀٽي، ليکڪ جوڳي خالد، شاعر ۽ پوليس آفيسر خليل ڪنڀار، اشرف پلي سميت ڪيترن معزز مهمانن شاندار اسٽيجنگ ۽ فنڪارن جي محنت کي ساراهيو.