عمرڪوٽ ۾ نوجوان جون مڇون، ڀرون، ڏاڙهي ڪوڙي مبينا تذليل

عمرڪوٽ ۾ نوجوان جون مڇون، ڀرون، ڏاڙهي ڪوڙي مبينا تذليل

عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ مبينه طور هڪ نوجوان ستار  پٽ عرس کاڙت جون مڇون ڀرون ۽ ڏاڙھي مٿو ڪوڙي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڪالھ سڄو ڏينھن ان معاملي بابت سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ۽ بحث مباحثا ٿيندا رھيا سوشل ميڊيا تي اڪثر خبرون اھي گردش ڪنديون رھيون ته نوجوان ستار کاڙت کي مبينه طور تي ڪن ماڻھن سخت تشدد ڪري اھڙي تذليل ڪئي آھي پر ان واقعي بابت قانوني طور تي ڪنھن به قسم جو ڪيس وغيره داخل ناھي ڪرايو ويو جڏھن ته نوجوان ستار کاڙت جي اھڙي ٿيل تذليل واري تصوير وائرل ٿيڻ بعد سندس والد حاجي عرس کاڙت جو وڊيو بان سوشل ميڊيا تي سامھون آيو آھي جنھن ۾ متاثر نوجوان جي والد حاجي عرس کاڙت مڪمل طور تي اھڙي ڪنھن به قسم جي واقعي کان قطعي لاتعلقي ڪندي واضح ڪيو آھي ته کيس بدنام ڪرڻ لاء ڪنھن سازشي ٽولي اھڙا افواھ ڦھلايا آھن جڏھن ته ھن وائرل ٿيل تصوير بابت چيو آھي ته اھا سندس موبائيل ۾ پيل ھئي جيڪا ڪنھن جي ھٿ چڙھي آھي ھن وڊيو ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته سندس ڀائٽو گھران ڪاوڙجي نڪتو ھو ۽ منھنجو پٽ ان جي پويان ڳولھاء ۾ موٽر سائيڪل تي ويو ھو رستي ۾ ھن کي ڪنھن زوري نشو پيئاريو آھي ھي پيئندو ناھي مون کيس موٽر سائيڪل تيز ھلائڻ کان روڪيو جنھن تي ڪاوڙ ۾ ھن اھڙو عمل پاڻ ئي ڪيو آھي باقي نه ڪنھن ڪنھن تشدد ڪيو آھي ۽نه ئي وري ڪنھن تذليل ڪئي آھي اجايو اچي ھڪ منظم سازش تحت اھڙا افواھ ڦھلايا ويا آھن ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ احمد بخش راھمون ٻڌايو ته اسان وٽ ٿاڻي تي ان معاملي بابت ڪو به فريادي نه آيو آھي نه ئي وري ڪا خبر آھي سوشل ميڊيا واريون خبرون آھن ڪو فريادي اچي ته ليٽر ڏيڻ لاء تيار آھيون ۽ جاچ به ڪريون باقي فلحال اھڙو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناھي نه ئي ڪو فريادي آيو آھي.