| عمرڪوٽ ۾ هاري ڪارڊ پروگرام ناڪام: 1300 آبادگارن جا نالا رد، سبسڊي نه ملي سگھي |
عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) زراعت کاتي عمرڪوٽ جي عملدارن جي نااھلي سبب ضلعي عمرڪوٽ جا 1300 آبادگار ڀاڻ جي سبسڊي کان محروم رھجي ويا آھن زراعت کاتي جي آفيسرن جي نااھلي ۽ غلطي سبب سامارو ۽ عمرڪوٽ تعلقن جي آبادگارن جا نالا ڪنري واري زرعي پورٽل ۾ شامل ڪري ڇڏيا جن آبادگارن جا نالا رد ڪري ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ آبادگار ڀاڻ سبسڊي کان محروم رھجي ويا آھن زراعت کاتي عمرڪوٽ جي عملدارن ضلعي چئرمين عمرڪوٽ حاجي بقا پلي جي ٻن تپن جي آبادگارن کي به رولڙي ۾ وجھي ڇڏيو آھي. جڏھن ته ضلعي چئرمين ڊي سي عمرڪوٽ ۽ زراعت کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪري مسئلو حل ڪرڻ جي ھدايت پڻ ڪئي. ٻئي طرف زراعت کاتي عمرڪوٽ جي ڪامورن پاڻ تان لاھي ٿيل غلطي زراعت کاتي سنڌ جي ٽيڪنيڪل ڊاريڪٽوريٽ جي کاتي ۾ ھڻي ڇڏي آھي ۽ ليٽر لکي غلطين سبب رولڙي جو شڪار 1300 آبادگارن جا نالا درست ڪرڻ جو چيو ويو آھي پر زراعت کاتي پاران لکيل ليٽر جو به ڪو کڙتيل نه نڪتو آھي ضلعي جي آبادگارن جي سڀ کان وڏي انڊس ايگريڪلچر فورم پاران ان ڏس ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آھي فورم جي ترجمان علي رضا راڄڙ ٽائيم نيوز ٽي وي ۽ روزاني پنھنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي چيو ته زراعت کاتي عمرڪوٽ جا ڪامورا توڙي لاڳاپيل عملدار آبادگارن جي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ناھن زراعت کاتي وارن عمرڪوٽ جا نالا سامارو ڪنري تعلقن ۾ ۽ ڪنري پٿورو جا نالا وري ٻين تعلقن ۾ ھڻي 1300 ھاري ڪارڊ رکندڙ آبادگارن کي رولي ڇڏيو آھي بااثر ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ملي ڀگت سان اھو ھاري ڪارڊ وارو پروگرام عمرڪوٽ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي جن آبادگارن ھڪ ايڪڙ به ڪڻڪ نه پوکي ان کي مبينگ سياسي اثر رسوخ ۽ مبينه رشوت تحت ھاري ڪارڊ به ملي ويا ۽ سبسڊي وارا پئسا به مليا پر غريب آبادگار حق کان محروم رھجي ويا آھن ان معاملي جو بلاول ڀٽو زرداري وڏو وزير نوٽيس وٺي آبادگارن جا مسئلا حل ڪرائين ۽ چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪن ته عمرڪوٽ ضلعي جي 1300 آبادگارن جا نالا غلطي سبب مختلف تعلقن ۾ ڇو شامل ڪيا ويا ان جو ذميوار زراعت کاتو آھي يا ٻيو ڪو آھي ان جي جاچ ڪري مبينه طور تي ٿيل ڪرپشن جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين برطرف ڪيو وڃي ۽ آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.