| عمرڪوٽ ۾ واچ تبديل نه ڪرڻ تان گراهڪ ۽ دڪاندار وڙهي پيا: شٽربند هڙتال، ڌرڻو، باهيون |
عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي عائشه مارڪيٽ عمرڪوٽ ۾ گھڙي تبديل نه ڪري ڏيڻ واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار وڌي جھيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو، عائشه مارڪيٽ جي دڪاندارن ۽ اوڏ برادري ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان سنگين الزام لڳايا ويا جڏهن ته پوليس طرفان ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجن جو سلسلو پڻ جاري رھيو، دڪاندارن جو چوڻ ھو ته اوڏ برادري سان واسطو رکندڙ ڪجهه نوجوانن واچ تبديل نه ڪرڻ جي ڳالهه تي ڪاوڙجي مارڪيٽ اندر دڪانن تي حملو ڪيو جنهن دوران سورج ڪمار مالهي ۽ لو ڪمار سميت ٻين دڪاندارن جي دڪانن کي نقصان پهچايو ويو ۽ مبينا طور اڍائي لک رپين کان وڌيڪَ رقم به کڻي ويا.دڪاندارن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، دڪاندارن چيتن سريش مالھي سورج مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو جيڪو ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رھيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين شٽربند ھڙتال ڪري عائشه مارڪيٽ کي مڪمل طور بند ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته جيستائين سندن ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، ٻئي پاسي اوڏ برادري جي متاثر خاندان چيو ته هو شادي جي خريداري لاءِ مارڪيٽ آيا هئا جتي دڪاندار طرفان غلط واچ ڏني وئي، اعتراض ڪرڻ تي دڪاندار ۽ ٻين ماڻهن گڏجي عورتن سميت آيل انش اوڏ ۽ منور اوڏ تي تشدد ڪيو جنهن ۾ هو زخمي ٿيا، دڪاندارن گھوٽ کي به تشدد جو نشانو بڻايو. هوڏانهن آخرڪار ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن ڳالھيون ڪري غلط فھميون ختم ڪيون ۽ کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو.