| عمرڪوٽ ۾ وڏي واردات، سونارڪي دڪانن مان ڪروڙن جو 40 تولا سون ۽ 10 ڪلو چاندي چوري |
عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ شھر ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي، شهر جي مصروف ترين عائشه مارڪيٽ ۽ راڻا چوڪ تي نامعلوم چورن ٻن سونارن مدن مالهي ۽ انيل سوني جي سونارڪي دڪانن جا تالا ٽوڙي دڪانن ۾ پيل 40 تولا کان وڌيڪ سون ۽ 10 ڪلو کان وڌيڪ چاندي ٻهاري دڪانن ۾ لڳل سي سي ٽي وي ٽوڙي آساني سان فرار ٿي ويا، دڪان کولڻ وقت خبر پئي ته نامعلوم چور مدن مالهي ۽ انيل ڪمار سوني جي سونارڪي دڪانن جا تالا ٽوڙي دڪانن ۾ پيل 40 تولا کان وڌيڪ سون ۽ 10 ڪلو کان وڌيڪ چاندي ٻهاري ويا، کاٽ لڳل سون ۽ چاندي جي ماليت ڪروڙين رپيا ٻڌائي پئي وڃي، کاٽ جو اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ دڪاندار گڏ مارڪيٽ بند ڪري احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف سونارا تنظيم جي صدر ڀيشم سونارو ٻڌايو ته عمرڪوٽ پوليس دڪانن مان کاٽ لڳل چوري واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، سامان واپس نه مليو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ جي چئرمين خالد سراج سومرو پاران رابطو ڪري سونارن کان معلومات ورتي ۽ انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، هوڏانهن پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاهه چيو ته ھر صورت ۾ عمرڪوٽ شھر جو امن بحال ڪرائبو ملوث ڏوھارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، عمرڪوٽ پوليس کي سختي سان چيو اٿم ته واردات ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار ڪيا وڃن، ڪروڙن جي کاٽ واري واردات بعد واپارين ۽ شھرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آھي.