| عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ اي ڪي 48 ڪلب ڪامياب |
عمرڪوٽ(رپورٽر) 25 ھين آل پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٽيون رائونڊ ميچ ايميس ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد ۽ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي وچ ۾ کيڏيو ويو، اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي رائونڊ ميچ کٽي ورتو اڄ جتوئي چيلنجر ڪرڪيٽ ڪلب قاضي احمد کان ڪوارٽر فائينل جو مقابلو ڪندي، اي ڪي ڪلب پھريون ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جڏھن تہ ايميس ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد مقرر 25 اوورن ۾ 191 رنسن جو هدف ڏنو جنھن ۾ فهاد 65 ۽ ابتشم شيخ 25 رنسون ٺاهي سگھيا، ڪراچي جي بالرن قادر خان 6 ۽ رحمان 2 وڪيٽون ورتيون اھڙي طرح اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي 191 جو ڏنل ھدف 15 اوورن ۾ پورو ڪري ڇڏيو، جنھن ريحان تنولي 107 ۽ فرحان مروت 55 رنزون ٺاھي نمايان رھيا، حيدرآباد جي بالر اياز صرف ٻہ وڪيٽون وٺي سگھيو، جڏھن تہ مين آف دي مئچ ريحان تنولي کي ڏنو ويو اڄ ٻيو ڪوارٽر فائينل جو ميچ جتوئي چيلنجر ڪرڪيٽ ڪلب قاضي احمد ۽ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.