عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾ موجد 15 گرلز هاسٽلن ۾ 160 کان وڌيڪ ٻاهرين علائقن جي شاگردياڻين جي رهائش هجڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته اعتراض جوڳين وڊيوز جي رڪارڊنگ واري انڪشاف بعد اڪثر شاگردياڻيون هاسٽل خالي ڪري ويون آهن
ان حوالي سان مليل اطلاعن موجب گرلس ھاسٽل ۾ مبينه طور شاگردياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري جنسي طور حراسان ڪرڻ وارو مامري بعد ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي
ڊي سي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران جوڙيل ٻن ڌار ڌار جاچ ڪميٽين جا ٽي ڏينھن مڪمل ٿيڻ بعد اڄ رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميه پاران عمرڪوٽ شھر ۾ موجود 15 پرائيويٽ گرلس ھاسٽلن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي
پوليس ۽ انتظاميا موجب عمرڪوٽ شھر ۾ دعا فرينڊز ماروي سنڌ امڙ سميت مختلف نالن جا 15 گرلس ھاسٽل موجود آهن، ھر ھاسٽل ۾ 06 کان 40 تائين مختلف شھرن ۽ ضلعن جون شاگرياڻيون ترسيل ھجڻ جا اطلاع آهن