عمر ايوب جي زال جي شڪست: ڪي پي حڪومت پاران جاچ جو اعلان

عمر ايوب جي زال جي شڪست: ڪي پي حڪومت پاران جاچ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه حڪومت تازو ئي هريپور ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي شڪايت تي انڪوائري جو فيصلو ڪيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان چيو آهي ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي هريپور ضمني چونڊن جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. ڪلاس فور کان وٺي ڊي سي تائين انڪوائري ٿيندي، ڪوبه ملوث نظر آيو ته سخت سزا  ڏني ويندي. شفيع جان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جا ماتحت آفيسر ملوث نه آهن پوءِ به انڪوائري ڪري رهيا آهيون، منهنجي خيال ۾ سهيل آفريدي جهڙي طرح چونڊون منعقد ڪيون انهي جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي هريپور چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت ريفرنس به اماڻي رهيا آهيون اسان پرزائيڊنگ آفيسرن جا بيان به بلند ڪري رهيا آهيون، انهي سان گڏوگڏ پرزائيڊنگ آفيسرن جا حلفيه بيان به وٺي رهيا آهيون.