عمر ڪوٽ ضلعي ۾ نئين تڪبندي: 80 پولنگ اسٽيشنز وڌي ويون: ڪيترائي نوان تپا به قائم

ڊسمبر 11, 2023

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري) عمرڪوٽ ضلعي جي ھڪ قومي اسيمبلي ۽ ٽن صوبائي تڪن جي نئين حلقا بندي وارا تفصيل ظاھر 80 نيون پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. تفصيلي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پاران جوڙيل نين حلقابندين موجب صوبائي تڪ پي ايس 49 پٿورو سامارو ۾ 05 تپا پي ايس 50 عمرڪوٽ ۾ 10 تپا ۽ پي ايس 51 ڪنري ۾ 13 تپا شامل ڪيا ويا آھن جڏھن ته نئين آدم شماري بعد ضلعي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل تعداد 05 لک 87 ھزار 655 ظاھر ڪيو ويو آھي اھڙي ريت ضلعي عمرڪوٽ ۾ عورتن جا ڪل ووٽ 02 لک 77 ھزار 274 ۽ مردن جا ڪل ووٽ 03 لک 10 ھزار 381 رجسٽرڊ ڪيا ويا آھن، نئين آدم شماري بعد 80 پولنگ اسٽيشنن جو اضافو ڪري ضلعي ۾ ڪل  410 پولنگ اسٽيشنن مان ھاڻوڪي اليڪشن دوران تعداد 490 پولنگ اسٽيشنون ھوندو جڏھن ته ضلعي ۾ ڪل 1928 پولنگ بوٿ موجود ھوندا جن ۾ عورتن لاء 933 ۽ مردن لاءِ 995 پولنگ بوٿ ھوندا اليڪشن ڪميشن پاران نين حلقا بندين واري جوڙجڪ بعد صوبائي تڪ پي ايس 49 پٿورو ۽ سامارو تعلقن تي ٻڌل ھوندو جنھن ۾  ٽائون ڪميٽي ڍورونارو تپيدار سرڪل ڍورونارو تپيدار سرڪل ڊيٻو تپيدار سرڪل سونھين تپيدار سرڪل حاصيصر ۽ تپيدار سرڪل ھاڙ سپروائيزري ڍورونارو سرڪل وارا علائقا ۽ ديھون شامل ڪيون ويون آھن اھڙي طرح پي ايس 50 صوبائي تڪ عمرڪوٽ ٽو ۾  ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ٽائون ڇور سميت تپو نونھيون  ماکيارو  دينور  ڪپلور حاجي ميان شاھ  کاروڙو پٽ  ٻانھياري ڇور ٿر سونپور ۽ تپو عمرڪوٽ شامل آھن جڏھن ته پي ايس 51 صوبائي تڪ ڪنري ۾ ٽائون ڪميٽي ڪنري تعلقو ڪنري، تپو ايڊيشنل ڪپلور، تپو قاضي محمد، درس، ڪرنا، ڏڳو وليداد، پلي، گپنو، کيروھي، ڪنر ،کيجراڙي، جانھيرو، پٽ مارواھ، صوفي فقير ۽ تپو ساريٽي شامل آھن ان سلسلي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر لطف علي مستوئي جو چوڻ آھي ته نيون حلقا بنديون مڪمل ٿي ويون آھن ۽ اليڪشن جي سلسلي ۾ تياريون ھلندڙ آھن اسانجي ڪوشش آھي ته ووٽرن کي تمام سھولتون ملي سگھن.

صوبائي تڪن جي ٽوڙ مروڙ جو فائدو پ پ کي ئي ٿيندو: سياسي حلقا

عمرڪوٽ:اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي عمرڪوٽ جي ھڪ قومي اسيمبلي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلين وارن تڪن تي ڪيل نئين حلقا بندين بعد صوبائي تڪن تي مختلف تپن ۽ ڳوٺن کي ٽوڙي صوبائي حلقن ۾ تبديلي ڪئي وئي آھي جنھن موجب سياسي پنڊتن جي راءِ آھي ته اليڪشني فائدو پيپلزپارٽي کي ئي ٿيڻو آھي مليل ڄاڻ موجب پي ايس 49 پٿورو ۽ سامارو ٻن تعلقن تي ٻڌل آھي جڏھن ته نئين حلقابندي تحت پي ايس 49 پٿورو مان صرف ھڪ تپو صوفي فقير ٽوڙي صوبائي تڪ پي ايس 51 ڪنري ۾ شامل ڪيو ويو آھي جنھن جون ٻه ديھون صوفي ۽ ديھه ڍوري سري شامل آھن جيڪي ھاڻ ڪنري پي ايس 51  ۾ شامل ڪيون ويون آھن اھڙي ريت پي ايس 50 عمرڪوٽ سٽي ۽ ٻھراڙي واري تڪ جا 03 تپا ساريٽي کيجراڙي ۽ ڪائٿ تپو عمرڪوٽ مان ٽوڙي ٽنھي تپن کي پي ايس 51 ڪنري واري صوبائي تڪ ۾ شامل ڪيا ويا آھن انھن تپن جا ڳوٺ کيجراڙي پڌريو، کيجراڙي صالح شاھ، اميد علي لاشاري، چوڌري عبدالمجيد. خانو رانگھڙ کيجراڙي، حڪيم شاھ، چوڌري نظير احمد، اڪبر ساند، محمد بيگ جکرو ۽ ويري سار ڳوٺ جيڪي گذريل 2018 جي چونڊن دوران عمرڪوٽ واري صوبائي تڪ ۾ شامل ھئا سي ھن اليڪشن ۾ نين تڪبندين بعد ڪنري واري صوبائي تڪ ۾ شامل ڪيا ويا آھن بلڪل ساڳي ريت پي ايس 51 ۾ شامل تپو سيد ميان شاھ ڪاٽي نين تڪبندين تحت ان تپي کي واپس عمرڪوٽ واري صوبائي تڪ پي ايس 50 ۾ شامل ڪيو ويو آھي نتيجي ۾ ھن اليڪشن دوران ان تپي سيد ميان شاھ ۾ ايندڙ ڳوٺ کلڙائي، احمد ڪنڀار، مانڌل دڙو، سرتو اوڏ، کاروڙو، چارڻ، ھيرآباد، کاروڙو فقير، اکيرج ڳوٺ حيات سومرو ۽ ڳوٺ فيصل آباد واپس پي ايس 50 عمرڪوٽ ۾ اچي ويا آھن نين تڪبندين سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ پ پ اميدوارن کي فائدو رسندو۽ جي ڊي اي پي ٽي آء توڙي فنڪشنل ليگ جي اميدوارن کي ڏکيائون پيش اچڻ جا امڪان ٻڌايا پيا وڃن

ن ليگ جي اسد جوڻيجو پاران اين اي 211 تي چونڊ وڙهڻ جو اعلان

سنڌڙي(رپورٽ: اسد شر) ايندڙ اليڪشن ۾ وفاق توڙي صوبن ۾ نواز ليگ ۽ ان جا اتحادي حڪومت ٺاهيندا ھن دفعي پ پ جو مستقبل نظر نٿو اچي، 3 دفعا سنڌ ۾ پ پ حڪومت ڪري چڪي آھي ھاڻ مشڪل آ، تاريغ ۾ پھريون دفعو سينٽ جي چونڊن کان سينٽر چونڊرائيندڙ ئي ڪون ھوندا، ان ڪري ھر حال ۾ مقرر وقت تي چونڊون ٿينديون، ھن دفعي سنڌ ۾ نواز ليگ، جي ڊي اي، جي يوءِ آ سميت گڏيل اتحاد تحت اليڪشن وڙھنداسين، اھڙن خيالن جو اظھار نواز ليگ جي سينٽر اسد علي جوڻيجو ڪيو ۽ اين اي 211 ميرپورخاص تي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو پڻ ڪيو، سنڌڙي ۾ جوڻيجو ھائوس تي سڏايل گڏجاڻي ۾  ھن چيو ته اسان مٿين قيادت جي حڪم تي عوام کان راءِ وٺڻ لاءِ ميٽنگ گھرائي آھي، جنھن ۾ ماڻھن  پنھنجون پنھنجون تجويزون ڏنيون آھن ته اسان گڏيل اتحاد طور جي ڊي اي ۽ نواز ليگ طرفان اميدوار آڻينداسين ھن ميڊيا سان ڳالھيندي ھڪ سول جي جواب ۾ چيو ته اسان جو انتخابي نشان فلحال سواليه آھي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ حقيقت آ جنھن کان انڪار ناھي، پر گذريل اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ڪافي ھنڌن تان ڌانڌلي ذريعي اچڻ جون خبرون ٻڌيون سين، ھن چيو ته مقامي سطح تي سنڌ ۾ نواز ليگ ۽ جي ڊي اي ۾ مڪمل اتحاد آھي، جنھن جو مثال مان پاڻ آھيان جيڪو نواز ليگ سان تعلق رکان ٿو پر پير پاڳاري جو مريد آھيان، ھن وڌيڪ چيو ته مھانگائي پگھاردار طبقي جي چليھ چٻي ڪري ڇڏي آھي زميندار ته فصلن جا سٺا اگھه ملڻ ڪري گذارو ڪري ٿا وڃن،ماڻھن پاران اھو مطالبو ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جي ميرپورخاص واري سيٽ اين اي 211 تي اسد علي جوڻيجو ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي پي ايس 46 سنڌڙي تي اڳوڻو تعلقي ناظم سنڌڙي سرفراز جوڻيجو کي بيھاريو وڃي، واضع رھي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پٽ اسد جوڻيجو پاران سڏايل اجلاس ۾ حر جماعت، نواز ليگ جي ڪارڪنن سميت اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي ذاتي دوستن پڻ شرڪت ڪئي

سياسي ڌرين لاءِ اقليتن جا ووٽ به اهميت اختيار ڪري ويا

عمرڪوٽ:سياسي توڙي قومپرست جماعتن جون سفارشون چٺيون ۽ نياپا توڙي فون ڪالز پڻ ووٽرن تي اثرانداز ٿي سگھن ٿا تن ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، ايس ٽي پي شامل آھن جڏھن ته عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ ارباب لطف الله اقليتي اڳواڻ ڪشنچند پارواڻي، پونجو مل ڀيل ۽ ٻين جو ڪردار جڙي سگھي ٿو ساڳئي وقت پ پ سان تعلق رکندڙ راڻا ھمير سنگھ سوڍو ۽ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي جو پڻ عمرڪوٽ ضلعي جي اقليتي ووٽرن تي پنھنجي ھڪ الڳ ڇاپ ٻڌائي وڃي ٿي ۽ اھي اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا ساڳئي وقت عمرڪوٽ ضلعي ۾ اقليتي ووٽرز جيڪي مسلم ووٽرز جي لڳ ڀڳ برابر پوزيشن ۾ ٻڌايا وڃن ٿا تن ۾ ڀيل، مالھي، مينگھواڙ ۽ اوڏ برادري جو ووٽ وڌيڪ تعداد ۾ موجود ھجڻ ڪري انھن برادرين جي ووٽرن خاص طور پٽيلن (اڳواڻن) ۽ اڳواڻن ۾ به وري تروٽي جھونن پٽيلن۽ نون نوجوان اڳواڻن ۾ سخت چٽاڀيٽي وارو ماحول ھوندو سياسي تجزيئي نگارن جي راء آھي ته ھن اليڪشن ۾ تروٽي جھونن پٽيلن کي نوجوان نوان اقليتي اڳواڻ ملھ ماري ويندا ۽ جي ايئن ٿيو ته عمرڪوٽ جا اليڪشني نتيجا تبديلي وارا به ٿي سگھن ٿا

پ پ پاران 12 ڊسمبر بعد ضلعي ۾ اميدوارن جي ٽڪيٽن بابت فيصلو ٿيندو

عمرڪوٽ:ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پ پ اميدوارن جي ٽڪيٽن وارا فيصلا 12 ڊسمبر کانپوء متوقع ٻڌايا وڃن ٿا ذريعن موجب پ پ چئرمين بلاول ڀٽو جي مصروفيتن سبب 12 ڊسمبر بعد سنڌ جي مختلف ٽڪيٽن جا فيصلا ٿيندا ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پ پ ضلعي ترجمان برھان الدين ڪنڀر ٻڌايو ته پيپلزپارٽي پاران اليڪشن جي سلسلي ۾ تياريون ھلندڙ آھن ۽ پ پ وٽ اميدوار اھي ئي ھوندا جيڪو فيصلو پارٽي ڪندي ھن چيو ته ھڪڙي ڳالھ واضح آھي ته اليڪشن پ پ کٽيندي مخالف ڀلي زور آزمائي ڪن

ضلعي جي ڪل آبادي 11 لک 69 هزار ڏيکاري وئي

عمرڪوٽ: نئين آدم شماري انگن اکرن موجب ضلعي جي ڪل آبادي 11 لک 69 ھزار آھي ۽ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 05 لک 87  ھزار  655 آھي ۽ قومي واري تڪ کي اين اي 220 مان بدلائي اين اي 213 ڪيو ويو آھي

پ پ قيادت کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي: علي مراد راڄڙ

عمرڪوٽ:پي ايس 49 پٿورو تڪ تي پ پ ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ حاجي علي مراد راڄڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پارٽي کي ٽڪيٽ لاء درخواست ڏنل آھي وڌيڪ جيڪو فيصل پارٽي ڪري البت ھن اھو پڻ چيو ته سندس پاران زور ڀرڻ جو تعلق مخدوم جميل الزمانن سان آھي اھو جيئن حُڪم ڪندو تيئن ڪندس

Leave A Comment