عمر ڪوٽ ۾ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ حر ارباب اليون کٽي ورتي: الراضي اليون کي شڪست

عمر ڪوٽ ۾ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ حر ارباب اليون کٽي ورتي: الراضي اليون کي شڪست

عمرڪوٽ( اسپورٽس نيوز) عمرڪوٽ ۾ حر سپر ليگ سيزن ون ٽورنامينٽ جو شاندار فائنل مقابلو کيڏيو ويو، جنهن ۾ حر ارباب اليون زبردست ڪارڪردگي ڏيکاريندي چيمپيئن بڻجي وئي، جڏهن ته رانديگرن ۽ شائقين طرفان خوشي جو اظهار ڪيو ويو، خبر موجب عمرڪوٽ شهر جي ماروي “لانٻا” ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيل هن ٽورنامينٽ ۾ ڪل 8 ٽيمن حصو ورتو، فائنل ميچ، جيڪو 8 اوورن تي مشتمل هو، حر ارباب اليون ۽ الراضي اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، الراضي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي 60 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن کي حر ارباب اليون آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو ۽ ٽورنامينٽ جي چيمپيئن بڻجي وئي، ان کان اڳ پهريون سيمي فائنل فقير اليون ۽ حر ارباب اليون وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ حر ارباب اليون 140 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ فقير اليون 130 رنسن تائين محدود رهي، ٻئي سيمي فائنل ۾ الراضي ڪلب شاه لطيف ڪلب کي شڪست ڏني، جتي الراضي 140 رنسون ٺاهيون ۽ شاه لطيف ڪلب صرف 90 رنسون ٺاهي سگهي، فائنل جي موقعي تي مهمان خاص حاجي حسين مهر، فقير رحمت الله منڱريو، نوجوان صحافي غلام مصطفي مهر، الفقرا محمد رحيم مهر، ۽ آرگنائيزر ڪاميٽي جا ميمبر ثناءُالله مهر، حاجي ڪامران مهر ۽ غلام مرتضي مهر موجود هئا، ان موقعي تي ونر ٽيم جي ڪپتان منير مهر کي 50 هزار رپيا نقد انعام ۽ ونر ٽرافي ڏني وئي، جڏهن ته رنر ٽيم جي ڪپتان رحيم علي راڄڙ کي پڻ نقد رقم ۽ رنر ٽرافي سان نوازيو

 ويو، ان کان علاوه مين آف دي ميچ صمند کوسو، مين آف دي سيريز سجاد، بيسٽ بالر اصغر ڀيو ۽ بيسٽ بيٽسمين اعجاز هنگورجو سميت ٻين رانديگرن ۾ به انعام ورهايا ويا،