| عمر 90 سال، 3 منٽ لڙڪندي رهي، نئون رڪارڊ قائم |
واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست اوهائيو جي هڪ 90 سالن جي رانديگرياڻي تقريبن 3 منٽن تائين لڙڪي گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز موجب اين ڪريل ايسلسٽن 90 سال ۽ 231 ڏينهن جي عمر جي آهي. هن 2 منٽ ۽ 52 سيڪنڊ ڊيڊ هينگ پوزيشن ۾ رهي رڪارڊ جوڙيو. ايني جڊس نالي شخص جو رڪارڊ ٽٽي ويو جنهن 2024 ۾ 81 سالن جي عمر ۾ ساڳيو رڪارڊ قائم ڪيو هو. اين ڪريل 10 مختلف رانديون کيڏي ۽ ڪوچ رهي آهي. فيبروري ۾ پنهنجي رڪارڊ جي ڪوشش لاءِ تربيت شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته اهو منهنجي لاءِ مڪمل طور تي نئون تجربو هو ته هڪ رڪارڊ لاءِ وڃان مون پنهنجي 90 سالن ۾ ڪڏهن به تصور نه ڪيو هو ته مان ايتري خوش قسمت هوندس جو ڌيان واري تربيت، مدد ۽ حقيقت ۾ هڪ گينيز ورلڊ رڪارڊ جو لقب حاصل ڪندس.