ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جا ڪامورا پنهنجي عهدي کان وڌيڪ اختيار استعمال ڪرڻ لڳا، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کانپوءِ سروسز کاتي به چيف سيڪريٽري کي سرمو پارائي ڇڏيو
لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري پاران چيف سيڪريٽري جي اجازت بِنا ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مقرري جو آرڊر جاري ڪيو ويو هو
سروسز کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر شاهه لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري حفيظ سيال کي بچائيندي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي به سرمو پارائي ڇڏيو
لائيواسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري حفيظ سيال پاران 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لطيف ڪورائي کي پروگرام مينيجر جي اضافي چارج سونپي وئي هئي
سيڪريٽري لائيواسٽاڪ پاران 16 جون تي اهڙو نوٽيفڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر جي صحيح سان جاري ڪرايو ويو
19هين گريڊ جي آفيسر جي بدلي يا مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو لاڳاپيل سيڪريٽري وٽ اختيار ئي ناهي، اهڙو اختيار چيف سيڪريٽري وٽ آهي
19 گريڊ کان مٿي آفيسرن جي بدلي ۽ مقرري بابت چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ سروسز کاتو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو آهي
لائيواسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري حفيظ سيال پاران 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لطيف ڪورائي کي پروگرام مينيجر جي اضافي چارج جو نوٽيفڪيشن سيڪشن آفيسر کان جاري ڪرايو، سروسز کاتي ساڳيو ئي آرڊر ٻيهر 13 جولاءِ تي جاري ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري سروسز پاران اهڙي معاملي بابت چيف سيڪريٽري کي به آگاهه نه ڪيو ويو