عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي 96هين ورسي اڱاري تي ملهائي ويندي 

عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي 96هين ورسي اڱاري تي ملهائي ويندي
 

ٻھارا (ن پ ا) عوامي تحريڪ جي باني دانشور ۽ ليکڪ قائد انقلاب رسول بخش پليجو جي 96ھين سالگرھ 20 جنوري 2026 تي اڱاري ڏينھن 2 وڳي سندس آخري آرامگاھ ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاھي ۾ ملھائي ويندي يونٽ ٻھارا ڀرپور شرڪت ڪندو اجلاس ۾ محبوب ڪڙمون ستار پليجو رزاق ڪنڀار محمد علي تنيو بابن خاصخيلي لال محمد رند اصغر ملاح عثمان خاصخيلي شرڪت ڪئي
 

اوٻاوڙو ويجھو واڙي تان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ملازم زخمي، جوابدار سوگهو
 

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان امير آباد ۾ شبيراحمد احمد  ملڪ  جي چوپائي مال جي واڙي تان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي ملازم علي حسن شيخ کي جوابدارن گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا، پڪڙيل جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو ويو.