لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) عوامي جدوجهد رنگ لاتو، لاڙڪاڻي جي سنگل ريلوي ٽريڪ تي واحد ريل گاڏي موهن جو دڙو ايڪسپريس بحال ٿي وئي
روھڙي کان ڪوٽڙي تائين اپ ڊائون موهن جو دڙو ايڪسپريس جي اڄ کان ٻيهر شروعات ٿي وئي آهي، روهڙي کان ڪوٽڙي لاءِ رواني ٿيل موهن جو دڙو ايڪسپريس لاڙڪاڻو اسٽيشن پهتي
پهرين ڏينهن ٻه ڪلاڪ ليٽ سان پهتل موهن جو دڙو ايڪسپريس ۾ سوار مسافرن ڪرايا مهانگا هئڻ ۽ سهولتون نه هئڻ جون دانهون ڪيون
لاڙڪاڻو اسٽيشن تي پهتل ريل گاڏي ۽ سوار مسافرن جي سول سوسائٽي طرفان ڀرپور آجيان ڪئي وئي
واضح رهي ته گذريل سال ٻوڏ ۽ برساتن واري صورتحال سبب لاڙڪاڻو سنگل ٽريڪ متاثر ٿيڻ ڪري ريل گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي هئي
لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن جي رهواسين طرفان مسلسل احتجاجي جدوجهد کانپوءِ ريلوي اختيارين موهن جو دڙو ايڪسپريس کي بحال ڪيو
سول سوسائٽي طرفان ڪرايا گهٽائي خوشحال خان خٽڪ ۽ بولان ميل به بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
مين لائين 2 روهڙي، لاڙڪاڻي ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ موهن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين اڄ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، مين لاءِ 2 تي ڪوٽڙي ۽ روهڙي وچ ۾ شروع ٿيل موهن جو دڙو ايڪسپريس 8 ايڪانومي ڪوچز / ڊٻن تي مشتمل آهي
روهڙي ۽ ڪوٽڙي اسٽيشنن تان اپ ۽ ڊائون ٽرينون پنھنجي منزل طرف روانيون ٿيون، ٽرين صبح ست بجي روهڙي کان نڪتي ٻئي طرف ڪوٽڙي مان صبح جو سوا 8 بجي پنھنجي منزل طرف رواني ٿي
ڄامشوري ۾ ٽرين سروس بحالي تحريڪ جي اڳواڻن، شهرين، ريلوي اسٽيشن جي عملي سنڌ يونيورسٽيءَ ريلوي اسٽيشن تي موهن جو دڙو ايڪسپريس جي عملي جي آجيان ڪندي مٿن گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ٽرين اسٽاف جي انور الدين سيال کي اجرڪ اوڍايو ويو،
شهرين پاران گهُر ڪئي وئي ته ڪراچي کان ڪوئيٽا لاءِ بولان ۽ پشاور کان ڪراچيءَ وچ ۾ هلندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس بحال ڪري عوام کي سستي ۽ محفوظ سفر جون سهولتون مھيا ڪيون وڃن
موهن جو دڙو پئسينجر ٽرين روهڙي کان سکر، حبيب ڪوٽ، رڪ، مديجي، سر شاهنواز ڀٽو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، ڏوڪري، باقراڻي، باڊهه، راڌڻ، رحماني ننگر، پيارو ڳوٺ،دادو، ڀان سيد آباد، سيوهڻ، آمري،سن ڄامشورو کان ٿيندي ڪوٽڙي پهچندي
اڳواڻن چيو ته بولان ميل ۽ خوشحال خان خٽڪ جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو جاري رکيو ويندو، مسلسل 6 مهينن جي احتجاجي جدوجهد کانپوءِ موهن دڙو ايڪسپريس بحال ٿي آهي