عوامي خدمت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: شرجيل 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان شهرين ۽ عوامي نمائندن ملاقات ڪري مختلف مسئلن ۽ شڪايتن کان آگاهي ڏني، شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل کاتن ۽ آفيسرن کي عوامي مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل جي هدايت ڪندي چيو ته مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي. هن شهرين کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن جي حل ۽ ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته عوامي خدمت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي،  حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ صوبي ۾ بنيادي شعبن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ تعليم جي شعبن ۾ پڻ اهم قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته راندين جا ميدان ٺاهيا پيا وڃن ، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.