| عوامي صحت لاءِ خطرو بڻيل ايڊز جو خاتمو ڪنداسين: وزيراعظم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڊز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو آهي ته عوامي صحت لاءِ خطرو بڻيل ايڊز جهڙي بيماري جو خاتمو ڪنداسين ۽ ان بيماري خلاف تحفظ سڀني تائين پهچائينداسين. هن سال اهو ڏينھن رڪاوٽن کي پار ڪرڻ ۽ ايڊز بابت روين ۾ تبديلي آڻڻ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، هن چيو ته ايچ آءِ وي جي وبا سڄي دنيا ۾ نظام صحت جي ڪارڪردگي جو امتحان وٺي رهي آهي. ساڳي وقت اها اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته هن بيماري سان مقابلو ڪرڻ ۽ نظام صحت کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ضروري آهي. هن بيماري بابت عوامي رويي ۾ تبديلي آڻڻ نهايت اهم آهي۔ هن سلسلي ۾ علاج تائين رسائي يقيني بڻائڻ، جديد سهولتن کي اپنائڻ ۽ معاشرتي سطح تي گڏيل سهڪار وڌائڻ سان عوامي سطح تي ايچ آءِ وي بابت رويو بهتر بڻائي سگهجي ٿو..