انساني زندگيءَ جو سفر مسئلن، تجربن ۽ آزمائشن کان خالي ناهي. فرد هجي يا سماج، هر سطح تي ڏکيائون ۽ تڪرار پيدا ٿيندا رهن ٿا. انهن مسئلن کي قسمت، حالتن يا ٻين ماڻهن جي غلطي سان جوڙي جان ڇڏائڻ دراصل حقيقت کان منهن موڙڻ ۽ فراريت پسندي آهي. عقل، منطق ۽ شعور سيکاري ٿو ته هر مسئلي جي پويان ڪي نه ڪي سبب ضرور هوندا آهن، انهن سببن جي ڳولا ڪرڻ ئي، مسئلن جي حل ڏانهن پهرين وک هوندو آهي. بدقسمتي اها آهي ته انسان گهڻو ڪري پنهنجي ناڪامين جو جائزو وٺڻ بدران ٻين تي الزام مڙهڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو. جڏهن ڪو ڪم نه ٺهي، ڪو منصوبو ناڪام ٿئي، يا ڪنهن اداري ۾ تڪرار پيدا ٿئي ته اسان هڪدم ٻين کي ذميوار قرار ڏيون ٿا. اهڙي روش عارضي طور شايد دل کي تسلي ڏئي، پر مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي تهائين وڌائي ڇڏي ٿي. پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ سولو ڪم ناهي، پر اها ئي ذهني بلوغت، اخلاقي همت ۽ فڪري پختگيءَ جي نشاني هوندي آهي.
اسان جي سماجي بناوت ۾ گڏيل ڪم، يعني گروپ ورڪ، وڏي اهميت رکي ٿو. گروپ ورڪ جي بنيادي خوبصورتي اها آهي ته ان ۾ مختلف ماڻهو پنهنجون جدا جدا صلاحيتون گڏ ڪري هڪ گڏيل مقصد حاصل ڪن ٿا. هر ماڻهوءَ جي جسماني قوت، ذهني سگهه، فڪري وسعت، تجربي ۽ ڪم ڪرڻ جي رفتار هڪجهڙي نٿي ٿي سگهي. اهو فطري فرق ئي اصل ۾ ٽيم جي طاقت بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن ان کي سمجهداريءَ سان سنڀاليو وڃي.
ڪنهن به ٽيم ۾ جيڪڏهن ڪو فرد وڌيڪ باصلاحيت، وڌيڪ محنتي ۽ وڌيڪ ذميوار آهي ته ان جي قابليت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ان جي عزت افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کي اهو احساس ڏيارڻ گهرجي ته سندس جاکوڙ ۽ صلاحيتون گروپ جي ڪاميابيءَ جو اهم حصو آهن. اهڙي سڃاڻپ ۽ مناسب انعام سان نه فقط انهيءَ فرد جو حوصلو وڌندو آهي، پر ٽيم جي ٻين ميمبرن ۾ به محنت، ترقيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. مقابلي جي صحتمند فضا اتي جنم وٺندي آهي، جتي قابليت کي عزت ۽ محنت کي مڃتا ملي ٿي. پر اسان جي ادارتي ۽ سماجي رويي جو هڪ افسوسناڪ پاسو اهو به آهي ته اڪثر ڪري محنت ڪنهن ٻئي جي هوندي آهي ۽ واکاڻ ڪنهن ٻئي جي کاتي ۾ ويندي ٿي. ڪيترين ئي ٽيمن /گروپن ۾ ڏٺو ويو آهي ته هڪ سخت محنتي، جاکوڙي ۽ ذهين ورڪر سڄي گروپ جو بار کڻي ٿو. هو پنهنجو وقت، پنهنجي توانائي ۽ پنهنجون صلاحيتون ڪم تي لڳائي ٿو، مسئلا حل ڪري ٿو، رڪاوٽون ختم ڪري ٿو، پر آخر ۾ ڪريڊٽ ٽيم ليڊر يا ڪنهن اعليٰ عهديدار کي ملي وڃي ٿو. اها روش نه رڳو ناانصافي آهي، پر ٽيم جي اخلاقي ڍانچي لاءِ زهر جي برابربه آهي ۽ شديد مايوسيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪندڙ آهي. ته ڪنهن ٽيم ورڪر جي قابليت ۽ ڪوششن جو ڦل ڪو ٻيو ماڻيندو رهي ٿو، اهڙي مايوسي جو احساس آهستي آهستي سندس شوق، دلچسپي ۽ وابستگيءَ کي گهٽائڻ شروع ڪري ٿو. هڪ وقت هو صرف فرض جي حد تائين ڪم ڪرڻ تي لهي اچي ٿو، يا وري دل برداشته ٿي ٽيم کان ئي ڪٽجي وڃي ٿو. ان جو نقصان رڳو هڪ فرد تائين محدود نٿو رهي، بلڪه سڄي گروپ جي ڪارڪردگي، فضا ۽ نتيجن تي پوي ٿو.
انصاف جي کوٽ هر اداري ۾ بي اعتمادي کي جنم ڏئي ٿي. جتي ماڻهن کي اهو يقين نه رهي ته سندن محنت جو قدر ٿيندو يا نه، اتي گڏيل مقصدن بدران ذاتي مفادن جي ڊوڙ شروع ٿي وڃي ٿي. پوءِ ماڻهو پنهنجي صلاحيت گروپ بدران پنهنجي بچاءُ يا ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳن ٿا. نتيجي ۾ خودغرضي وڌي ٿي، باهمي احترام گهٽجي ٿو ۽ ماڻهو نفسياتي طور به ٿڪجي پوي ٿو.
سماجي ۽ ادارتي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ذميواريءَ جو تصور ٻنهي پاسن کان مئل نه هجي. هڪ طرف فرد کي گهرجي ته هو پنهنجي ناڪاميءَ جو ايمانداريءَ سان جائزو وٺي، پنهنجين غلطين کي خنده پيشانيءَ سان قبول ڪري،انهن جي اصلاح ڪري. ٻي طرف ٽيم ليڊرن کي گهرجي ته محنت، قابليت ۽ ڪارڪردگيءَ کي انصاف سان ڏسي.هر ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ صحيح ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته ڪنهن به فرد، ٽيم يا سماج جي ڪاميابي رڳو صلاحيتن سان به ممڪن ناهي، پر ان لاءِ انصاف، اعتماد ۽ ذميواريءَ جو شعور به لازمي آهي. بي ڌياني مسئلا پيدا ڪري ٿي، الزام تراشي انهن کي وڌائي ٿي، ۽ بي انصافي اجتماعي قوت کي ڪمزور ڪري ٿي. ان جي ابتڙ خوداحتسابي، سچي اعتراف، محنت جي مڃتا ۽ صحيح قيادت گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جتي ماڻهو دل سان ڪم ڪن ٿا، هڪ ٻئي تي اعتماد ڪن ٿا، ۽ گڏجي ترقيءَ جو سفر طئي ڪن ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ اچو ته اسان پاڻ کان سوال پڇون: ڇا اسان پنهنجي غلطين کي تسليم ڪندا آهيون ؟ ڇا اسان محنت ڪندڙن کي انهن جو جائز حق ڏيون ٿا؟ ڇا اسان ٽيم ورڪ کي انصاف ۽ احترام سان هلايون ٿا؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب ها ۾ ناهن، ته پوءِ مسئلا اسان جي روين ۾ آهن. ۽ جيستائين رويا نه بدلجن، تيستائين نه فرد سڌرندو، نه ادارا، ۽ نه ئي سماج پنهنجي اصل صلاحيت سان اڳتي وڌي سگهندو.