عوامي نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻ ارباب غلام محمد ڪاسي جو لاش هٿ

سيپٽمبر 20, 2023

ڪوئيٽا(پنهنجي ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ مان عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ارباب غلام محمد ڪاسي جو لاش هٿ آيو آهي

ڪچلاڪ پوليس موجب ارباب غلام محمد ڪاسي جو لاش ڪچلاڪ ۾ اولهه باءِ پاس وٽان مليو، لاش جي ويجهو هڪ پسٽل به هٿ آيو

ڪوئيٽا جي صدر واري علائقي جي ايس پي آصف يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ڪرائيم سين تان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪري ڇڏيو

پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض جو چوڻ آهي ته اي اين پي اڳواڻ جي مٿي ۾ کاٻي پاسي کان هڪ گولي لڳل آهي جيڪا ساڄي پاسي کان پار ٿي وئي، ظاهري طور واقعو آپگهات نه پر قتل جو لڳي ٿو

اي اين پي بلوچستان جي صدر اصغر خان اچڪزئي چيو آهي ته ارباب غلام محمد ڪاسي کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي خلاف حڪمت عملي جوڙڻ تائين لاش جي تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو

Leave A Comment