عوامي هنڌن تي بينر، پوسٽر ۽ جهنڊا هڻندڙ اميدوارن جي صوبائي قيادت خلاف ڪيس جو حڪم

جنوري 20, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي هنڌن تي بينر، پوسٽر، جهنڊا، بل بورڊ ۽ سائن بورڊ لڳائيندڙ سياسي اڳواڻن جي صوبائي سربراهن ۽ ڪمپنين جي سي اي اوز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عوامي هنڌن تي بل بورڊز ۽ هورڊنگز تي پابندي واري ڪيس جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي  ۾ چيو ويو آهي ته جن سياسي پارٽين جا بينر عوامي هنڌن تي لڳايا ويا آهن، انهن جي صوبائي سربراهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ساڳئي ريت جن ڪمپنين جا عوامي هنڌن تي بل بورڊ لڳايا ويا آهن، انهن جي سي اي اوز خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته عوامي هنڌن تي پوسٽر، بينر، جهنڊا وغيره لڳائڻ وارن خلاف به پبلڪ پراپرٽي ايڪٽ 2010ع  تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، فيصلي ۾ عدالتي حڪمن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته بل بورڊز هٽائڻ بابت ميئر ڪراچي، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڪينٽومينٽ بورڊز عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪن.

Leave A Comment