| عوامي ورڪرز پارٽي جو ڪنوينشن 27هين ترميم رد ڪرڻ جو اعلان |
سانگهڙ(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي 27 هين ترميم کي رد ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي ٿيل ورڪرز ڪنوينشن کي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ، جاويد اختر ايڊووڪيٽ، محمد جميل، ميرحسن سريوال ،ڪامريڊ علي نواز، خانصاحب عبدالقيوم لانڊر ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان 27 ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، انهي ترميم ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪا به شق ناهي، رڳو اشرافيه لاءِ ترميم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ جيڪي ٿورا گهڻا انساني حق ھئا، 27هين ترميم ذريعي اھي حق ختم ڪيا ويا آهن، دنيا ۾ ڪٿي آهي ته صدر ۽ وزيراعظم ڪو غلط ڪم ڪري ته انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿيندي، اسان ته پريشان آهيون ته سپريم ڪورٽ وڏي هوندي يا آئيني ڪورٽ؟ هنن چيو ته ملڪ ۾ عوام لاءِ ڪا به سھولت ناهي، حڪمران ملڪ جو سرمايو لٽي ٻين ملڪن جون بينڪون ڀري رهيا آهن، رياست وٽ ملڪ جي غريب مسڪين ماڻهن، ھارين ۽ مزدورن لاءِ ڪا به پاليسي ناهي، هن وقت ملڪ ۾حقيقي تبديلي جي ضرورت آهي ،آمريڪا ۾ ميئر ممداني جي ڪاميابي ثابت ڪيو آهي ته اتي به سرمائيداري جا مسئلا آهن.