| عوام تشدد، ڏڦيڙ ۽ تخريبي سياست کي رد ڪري ڇڏيو: نواز شريف |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز شريف جي محنت ۽ بي لوث خدمت ملڪ کي صحيح رستي تي آڻي رهي آهي۔ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري پنهنجي بيان ۾ نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام تشدد، انتشار ۽ تخريبي سياست کي رد ڪري ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي رستي جو چونڊ ڪئي آهي.