| عوام تي گئس حملو: ايل پي جي جي قيمت 13 رپيا ڪلو وڌائي وئي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي جي شڪار شهرين لاءِ خراب خبر ايل پي جي به مهانگي ٿي وئي. اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ 13 رپيا في ڪلوگرام واڌ ڪري ڇڏي آهي آگسٽ 2026 لاءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 254 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جي قيمت 241 رپين کان وڌائي 254 رپيا في ڪلوگرام ڪئي وئي آهي گهريلو ايل پي جي سلنڊر 152 رپيا مهانگو ٿي 3001 رپين جو ٿي ويو آهي. گهريلو سلنڊر جي قيمت 2849 رپين کان وڌائي وئي آهي ڪمرشل ايل پي جي سلنڊر 585 رپيا مهانگو ٿي 10,961 رپين کان وڌائي 11,546 رپيا ڪيو ويو آهي. ايل پي جي جون نيون قيمتون 1 آگسٽ 2026 کان لاڳو ٿينديون