عوام جو سخت رد عمل:ڪارونجهر جي نيلامي وارو اشتهار واپس

جُولاءِ 24, 2023

ڪراچي/ننگر پارڪر(رپورٽ: فقير سليم/ فيض کوسو) عوام جي سخت رد عمل کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪارونجھر  جي نيلامي وارو اشتھار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

ان حوالي سان سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ڪارونجھر  سان اسان جو ثقافتي، تھذيبي ۽ جذباتي لاڳو آھي منهنجي قيادت ڪڏهن به پنهنجي تشخص تي آڱر کڻڻ نه ڏيندي،ڪارونجھر  صرف پٿرن جو جبل نه پر اسان جو ڳاٽ آھي جنهن کي ڪڏهن به جھڪڻ نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

ھن دعويٰ ڪئي ته ڪارونجھر  مسئلي تي قيادت سختي سان نوٽيس ورتو آھي ۽ ٽينڊر منسوخ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي

ان کان اڳ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي سونهن ڪارونجهر  جبل جي قيمتي پٿر گرينائيٽ کي 10 سالن لاءِ نيلام ڪرڻ لاءِ آڇون گهرايون هيون

 ان ڏس ۾ سنڌ جي معدنيات کاتي جي ڊي جي لائسنسنگ اٿارٽي پاران جاري ڪيل ٽينڊر موجب ننگرپارڪر تعلقي جي 17 سائيٽس ۾  5 هزار 928 ايڪڙن تي موجود گرينائيٽ جون 10 سالن لاءِ ليزون ڏنيون وينديون، جنهن جي نيلامي لاءِ ٺيڪيدارن / ڪمپنين کان 27 جولاءِ تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ليزن ڏيڻ جو فيصلو 31 جولاءِ تي ڪيو ويندو

سنڌ جي معدنيات واري کاتي پاران اخبارن ۾ ڏنل اشتهار مطابق ننگرپارڪر جي ڳوٺ مئو ۽ کينپواڙو ۾ 628 ايڪڙ، ڳوٺ راڻپور ۽ ڊينگڙي ۾100 ايڪڙ، ننگرپارڪر شهر جي ويجهو مختلف 15هنڌن تي موجود گرينائيٽ جا  ٺيڪا 10 سالن لاءِ الاٽ ڪيا ويندا، جنهن مان کاتي کي 6 ڪروڙ 41 لک 6 هزار رپين جي آمدني ٿيندي

ٽينڊر موجب وڏي ۾ وڏو ٺيڪو 78 لک ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٺيڪو 12 لکن ۾ ڏيڻ جو رٿيو ويو آهي، ٽينڊر ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته شروعاتي طور اهي ليزون 10 سالن لاءِ ڏنيون وينديون،جن ۾ واڌاري جو امڪان پڻ موجود آهي، ٽينڊر ۾ڪارونجهر کي ڪورڻ لاءِ ڪهڙي مشنري استعمال ٿيندي يا وري ڌماڪيدار مادي ( ڊائنامائيٽ ) جو استعمال ٿيندو، انهي بابت ڪجهه به واضح ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ٺيڪيدار ڪمپنيون گرينائيٽ سميت نڪرندڙ معدنيات ڪٿي استعمال ڪنديون؟ ننگرپارڪر ۾ ڪنهن به فيڪٽري جي قيام متعلق پڻ ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو

 هوڏانهن معدنيات واري صوبائي وزير مير شبير بجاراڻي جو چوڻ آهي ته گرينائيٽ بابت ڏنل اشتهار ۾ ڄاڻايل علائقا ڪارونجهر کان 15-20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن، سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي هن چيو ته اسانجو ٽينڊر ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ ناهي

ھن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر اسان کي به اوترو ئي عزيز آهي جيترو سنڌ جي ٻين ماڻهن کي آهي، ڪارونجهر جبل ۾ 26 ارب ٽن گرينائيٽ آهي، هي ٽينڊر رڳو 10.6 ارب ٽن گرينائٽ لاءِ آهي

هن چيو ته آئون  به هن ڌرتي جو پٽ آهيان، ڌرتي جي ثقافت ۽ قومي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻان ٿو، هي اهو علائقو آهي، جتي  کوٽائي جي اجازت آهي، اهو ڪارونجهر جبل لاءِ ناهي. جيڪو ننگرپارڪر ۾ آهي

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميداني علائقن ۾ تمام گهڻا معدني وسيلا موجود آهن، جن لاءِ مناسب جاچ ۽ قانوني طريقيڪار سان اشتهار ڏنو ويندو آهي، ڪارونجهر جبل تي ڪنهن به قسم جي کوٽائي تي پابندي آهي

هن چيو ته مون خاص معاون ارباب لطف الله سان پڻ ڳالهايو آهي، انهي  قسم جا شوشا ڇڏي سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن

ٻئي طرف سنڌ سرڪار طرفان  ڪارونجھر جبل کي نيلام ڪرڻ جي فيصلي خلاف ساڃاوندن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي ، معدنيات واري کاتي  پاران جبل جي نيلامي جو اشتھار جاري ڪرڻ خلاف ڪارونجهر سجاڳ فورم ۽ سول سوسائٽي 30 جولاء تي ننگرپارڪر ۾ شٽربند هڙتال ڪري سخت احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

 ان سلسلي ۾  سينئر صحافي ممتاز نهڙيو جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر اسانجو قومي، قديمي ۽ تاريخي ورثو ۽ مزاحمتي مورچو آھي انکي صرف پٿر سمجهي نيلام ڪندڙن جي مزاحمت ڪبي، ڪارونجهر جي نيلامي خلاف هر فورم تي جدوجهد ڪنداسين

سماجي اڳواڻ سڪيلڌو راهمون جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جي بچاءَ لاءِ هر جدوجهد جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين

ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ حاجي ڪنڀر جو چوڻ آهي ته ڪارونجھر ڀاڱا ڪرڻ نه ڏبو،  هاڪڙو ادبي فورم جي اڳواڻ خليل ڪنڀر جو چوڻ آهي ته اسين ڪارونجهر لاء وڙھنداسين، انهي جي تحفظ لاء آخري حد تائين به وينداسين ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت  ۾ قبول ڪو نه ڪنداسين .  ان سلسلي ۾ اڄ کان ٽوئيٽر تي   #SaveKaroonjhar   جو ٽرينڊ هلايو ويندو

Leave A Comment