ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ واسين جي سخت دٻاءَ کانپوءِ صوبائي معدنيات کاتي 4 آگسٽ تي رٿيل معدنياتي وسيلن واري نيلامي به رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
معدنيات کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن مان معدنيات جي مائيننگ ۽ نيلامي لاءِ پهرين آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي، بعد ۾ نيلامي ملتوي ڪندي 4 آگسٽ جي نئين تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي
نوٽيفڪيشن موجب 4 آگسٽ تي رٿيل نيلامي به رد ڪئي وئي آهي، 4 آگسٽ واري نيلامي لاءِ 29 جولاءِ تي اشتهار جاري ڪيا ويا هئا
اشتهارن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ليڪ سالٽ، چائنا ڪِلـَي، ماربل، گريول، ريتي بجري ۽ ٻين معدنيات جي مائيننگ ۽ نيلامي جو اعلان ڪيو ويو هو،عوام جي سخت احتجاج کانپوءِ معدنيات کاتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نيلامي رد ڪرڻي پئي