عوام جي شعور جي فتح: سنڌو تي نئون ڪئنال نه ٺهندو، سي سي آءِ جو اعلان، ايڪنڪ ۽ ارسا جي پاڻي منظوري رد، ڪاميٽي قائم، سنڌ واسين جي ڪاميابي آهي: مراد شاهه
اپريل 29, 2025
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جي شعور جي فتح، گڏيل مفادن واري ڪائونسل گڏيل اتفاق کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي صوبن جي خدشن ۽ ملڪ جي خوراڪ جي ضرورتن ۽ ماحولياتي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته گڏيل اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڊويزن ۽ ارسا کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سي سي آءِ وفاقي حڪومت جي ان پاليسي جي منظوري ڏئي ٿي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏيل اتفاق کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ڪڍيو ويندو. اهو به فيصلو به ڪيو ويو ته تيستائين وفاقي حڪومت قدم اڳتي نه وڌائيندي جيستائين صوبن وچ ۾ گڏيل اتفاق راءِ پيدا نه ٿو ٿئي. سڀني صوبائي حڪومتن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ زرعي پاليسي ۽ پاڻي جي انتظامڪاري ۽ انفرااسٽرڪچر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊگهي مدي وارو اتفاق راءِ جو روڊ ميپ جوڙين. پاڻي جي 1991ع واري ٺاهه ۽ 2018ع جي پاڻي پاليسي ۾ سڀني صوبن جو پاڻي جو حق سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق سان طئي ڪيو ويو آهي. صوبن جي خدشن ۽ ملڪ جي خوراڪ ۽ ماحولياتي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني صوبن ۽ وفاق جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي. ڪاميٽي ملڪ جي ڊگهي مدي وارين زرعي ضرورتن ۽ سڀني صوبن جي پاڻي جي استعمال جي لاءِ حل تجويز ڪندي ان باري ۾ ٻن اتفاق راءِ وارن دستاويزن 1991ع جي ٺاهه ۽ 2018ع جي پاڻي پاليسي کي نظر ۾ رکيو ويندو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي تمام قيمتي اثاثو آهي ملڪ جي آئين جوڙيندڙن ان کي تسليم ڪيو ان لاءِ انهن اهو طئي ڪيو ته پاڻي جا سمورا تڪرار گڏيل اتفاق ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ مناسب غور فڪر سان حل ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو. ڪنهن به صوبي جا خدشا سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق ۽ راضپي سان حل ڪيا ويندا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل صورتحال کي نظر ۾ رکندي سي سي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته ايڪنڪ جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪئنالن جي اڏاوت جي ڏنل عارضي منظوري ۽ 17 جنوري 2024ع تي ارسا جي پاڻي جي دستيابي بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي واپس ورتا وڃن ٿا. منصوبابندي ڊويزن ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي قومي يڪجهتي جي مفاد ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان قومي مفاد ۾ مشاورت ڪن ۽ گڏيل اتفاق تائين پهچڻ تائين صلاح مشورا ڪن.
اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته فيصلو ٿيو آهي ته سي سي آءِ ۾ اتفاق کانسواءِ ڪوبه ڪئنال نه ٺاهيو ويندو، سي سي آءِ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏيان ٿو، سي سي آءِ ۾ فيصلو ٿيڻ تائين ڪو به ڪئنال نه ٺاهيو ويندو، اهو به فيصلو ٿيو آهي ته پاڻي معاهدي تي عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته ڌرڻا ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته تاريخ ۾ ايئن ڪڏهن ناهي ٿيو ته سي سي آءِ ۾ معاملو ويو هجي ۽ ختم ٿيو هجي. هن چيو ته نفرتون پکيڙيندڙ ناڪام ٿي ويا، صدر زرداري کي هن معاملي ۾ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، صدر گڏيل پارليامينٽ ۾ ڪئنالن جي مخالفت ڪئي هئي، صدر زرداري کي وضاحت ڏيڻ باوجود تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته چيو ته صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ آئون به موجود هيس، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم جا به ٿورائتا آهيون جن هن معاملي کي اهم سمجهيو، سي سي آءِ اجلاس 2 مئي تي طلب ٿيل هو پر سنڌ سرڪار جي درخواست تي 28 اپريل تي ئي اجلاس منعقد ڪري فيصلا ڪيا ويا. صحافي سوال ڪيو ته ڪئنال اڳتي ٺهندا يا نه؟ جنهن تي مراد شاهه چيو ته مستقبل جي ڪنهن کي خبر آهي اها ته الله کي خبر آهي ته ڇا ٿيندو. وزيراعليٰ چيو ته سي سي آءِ ۾ فيصلو ٿيو ته اتفاق راءِ بنا ڪنهن به فورم تي منصوبا نه آندا ويندا، ايڪنڪ ۾ به اسان اعتراض اٿاريو هو، اسان جي اعتراضن جي ڪري ايڪنڪ ۾ 4 ڀيرا منظوري ملتوي ٿي هئي. وڏي وزير چيو ته ڪي بي فيڊر تي هلندڙ ڪم جي وڊيو ٺاهي چيو ويو ته چولستان ڪئنال ٺهي رهيو آهي، ڪئنال اسڪيم تي رپيو به خرچ ناهي ٿيو ته اڏاوت ڪٿان ٿي، اڍائي ارب جو منصوبو آهي.