عوام جي کيسي تي ڌاڙو: 147 رپين جي گئس بل تي 550 رپيا ٽيڪس اوڳاڙي
ڊسمبر 18, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي حڪمن تي عمل ڪندي حڪومت گئس صارفين کي نومبر جا ٻيڻا بل موڪلي ڇڏيا، گئس جي قيتمن ۾ چئوڻ کان وڌيڪ ٽيڪسز لڳايون ويون آهن. 147 رپين جي گئس خرچ ڪندڙ صارف کان 550 رپيا رپيا ٽيڪس اماڻي وئي. وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جو حڪم پورو ڪندي عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون. نومبر جي گئس بلز ۾ ٽيڪس چئوڻ کان وڌيڪ اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته بل به ٻيڻ تي موڪليا ويا آهن، گئس جي قيمت گهٽ ۽ ٽيڪس چئوڻ تي وڌيڪ لڳايا ويا آهن. گئس ميٽر جو ڪرايو 40 رپيا لڳايو ويو آهي، فڪسڊ چارجز 400 رپيا لڳايو ويو آهي. جنرل سيلز ٽيڪس مختلف بلز جي تناسب سان عائد ڪيو ويو آهي. صرف 147 رپين جي گئس خرچ ڪندڙ صارف کي 105.79 رپيا جي ايس ٽي لڳايو ويو آهي. صرف 147 رپيا گئس خرچ ڪندڙ صارف کي 550 رپيا ٽيڪس جي مد ۾ اماڻيا ويا آهن. گذريل مهيني جنهن صارف جو بل 340 رپيا ايندو هيو اهو هاڻي 700 رپيا ايندو.