عوام رستن تي نڪري مودي حڪومت کي ختم ڪري: پريانڪا گانڌي

عوام رستن تي نڪري مودي حڪومت کي ختم ڪري: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي (م ڊ) دهلي پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي پريانڪا گانڌي هڪ وڊيو پيغام ۾ ملڪ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته موجوده حڪومت کي هٽايو وڃي. پوليس حراست ۾ بس اندر ٺاهيل وڊيو ڪانگريس جي سرڪاري ايڪس هينڊل تي شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پريانڪا گانڌي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هن حڪومت کي هٽائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو ۽ جيڪڏهن ماڻهو انهن کي نه هٽائيندا ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهچي ويندو. دهلي پوليس پريانڪا گانڌي، لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي ميمبرن کي جنتر منتر ويندي حراست ۾ ورتو هو.