عوام لاءِ نئين سال جو تحفو: پيٽرول 10 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

عوام لاءِ نئين سال جو تحفو: پيٽرول 10 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوام لاءِ نئين سال تي پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ جو تحفو ملڻ جو امڪان. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 10 رپيا 60 پئسا تائين گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ابتدائي ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ پهرين جنوري کان في ليٽر 10 رپيا 60 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 8 رپيا 59 پئسا گهٽتائي جي تجويز آهي. پهرين جنوري کان گاسليٽ جي قيمت ۾ في ليٽر 9 رپيا، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 6 رپيا 62 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق حڪومت روينيو ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ناڻي وزارت وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندي. حتمي نوٽيفڪيشن وزارت پيٽروليم پاران جاري ڪيو ويندو.