عوام کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي جون تياريون: آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستان پهچي وئي
نومبر 28, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ماهرن جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي، ٽيم ايف بي آر جي اختيارين سان ملاقاتون ڪندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ٽيم ٽيڪس روينيو ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ مشاورت ڪندي. ٽيڪنيڪل ماهرن جو وفد هڪ هفتي تائين ٽيڪس پاليسي تي ايف بي آر سان مشاورت ڪندو. ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪل وفد ٽيڪس پاليسي ۾ ترميم لاءِ قدم کڻندي. ذريعن موجب ٽيڪس پاليسي ۾ ترميم جو مقصد ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ آهي. ريٽيلر لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو بنيادي ڍانچو به ٽيڪنيڪل وفد سان گڏجي تيار ڪيو ويندو. وڌيڪ 10 لک ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي ٽيڪس ڏيندڙن جو تعداد 60 لک تائين پهچايو ويندو. ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ ٽيڪس پاليسي تي ترميم ڪري منظوري لاءِ ايندڙ بجيٽ شامل ڪئي ويندي. ٽيڪس پاليسي ۽ انفورسمينٽ ۾ بهتري لاءِ ٽيڪنيڪل وفد معاونت ڪندو. آءِ ايم ايف جي ٽيم جو موجوده قرض پروگرم ۽ ان جي قسط سان ڪو به تعلق ناهي.