عوام کان 23 ارب اوڳاڙڻ لاءِ بجلي في يونٽ 1 رپيو 90 پئسا مهانگي

جُولاءِ 5, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نيپرا بجلي جي في يونٽ ۾ هڪ رپيو 90 پئسا واڌ ڪري ڇڏي، عوام تي 23 ارب رپين جو اضافي بار پوندو

نيپرا بجلي جي قيمتن بابت سي  پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سي پي پي اي 2رپيا 5پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي استدعا ڪئي

نيپرا پاران بجلي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 90 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، قيمت ۾ واڌ مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي

بجلي جي قيمت ۾ اضافي سان صارفين تي23ارب رپين جو اضافي بار پوندو، نيپرا موجب ڪي اليڪٽر ۽ لائن لائن صارفين تي فيصلو لاڳو نه هوندو

Leave A Comment